خواجا شمس الاسلام جي قتل ۾ اڳڀرائي، 8 جوابدار روپوش قرار

ڪراچي(رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾  سينئر وڪيل خواجه شمس الاسلام جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي  پوليسمک جوابدار عمران آفريدي سميت 8 جوابدارن کي روپوش قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي .پوليس عدالت ۾ شروعاتي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مقتول وڪيل جي ڀاءُ خواجه فيصل جي شڪايت تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ قتل، قتل ڪرڻ جي ڪوشش ۽ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن،  وڪيل خواجه شمس الاسلام پنهنجي پٽ دانيال سان گڏ ڊفينس فيز 6 خيابان راحت ۾ واقع قرآن اڪيڊمي ۾ جمعي جي نماز ۽ جنازي جي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، جنازي جي نماز کان پوءِ واپسي تي مسجد جي ڏاڪڻين وٽ خواجه شمس الاسلام تي حملو ڪيو ويو، جوابدار عمران آفريدي پسٽل سان ٻه گوليون هلايون، هڪ گولي خواجه شمس الاسلام کي لڳي ۽ هڪ دانيال اسلام کي لڳي، جوابدار عمران آفريدي صورتحال ۽ رش جو فائدو وٺندي موقعي تان فرار ٿي ويو،  پوليس رپورٽ موجب ڪيس ۾ مک جوابدار عمران آفريدي، ضرار آفريدي، انعام خان، عثمان آفريدي، تقدير، بهار گل، خستا گل ۽ شهريار روپوش آهن .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.