ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اداڪارا ۽ اڳوڻي ٽي وي ميزبان صنم جنگ چيو آهي ته هوءَ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي، پر ٻارن جي سارسنڀال ۽ پرورش سبب هو ائين نه ٿي ڪري سگهي ۽ هوءَ ٻارن کي ڪنهن ٻئي جي حوالي به نٿي ڪري سگهي.
صنم جنگ ڪجهه سال اڳ پاڪستان ڇڏي آمريڪا منتقل ٿي ويئي هئي، سندس مڙس پائليٽ آهي، جڏهن ته هڪ سال اڳ هن ٻئي ٻار کي جنم ڏنو هو
تازو صنم جنگ ندا ياسر جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن آمريڪا ۾ پنهنجي زندگي ۽ ڏکيائين بابت تفصيلي ڳالهايو.
صنم چيو ته آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ پنهنجن کان پري رهڻ سولو ناهي، ٻاهرين ملڪ ۾ سپورٽنگ سسٽم ناهي، جڏهن ته پنهنجي ملڪ ۾ گهر وارن ۽ مٽن مائٽن سهارو هوندا آهي.
هن ٻڌايو ته آمريڪا ۾ سندس ڪجهه مائٽ ضرور آهن، پر هو گهڻو پري آهن، تنهنڪري ڪير به ڪنهن جي ڪم نٿو اچي، هرڪو پنهنجو ڪم پاڻ ڪري ٿو.
You might also like