پاڪستان آمريڪي صدر جو پسنديدا ملڪ بڻجي ويو، ڀارت دٻاءَ هيٺ: بلومبرگ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رسالي بلومبرگ جو چوڻ آهي ته پاڪستان آمريڪي صدر ٽرمپ جو پسنديده ملڪ بڻجي ويو آهي جڏهن ته ڀارت دٻاءَ هيٺ آهي.
بلومبرگ موجب، پاڪستان ٽرمپ جي اڳيان پنهنجي ڪارڊ بهترين انداز ۾ استعمال ڪيا آهن ۽ پاڪستان اهڙن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جنهن سان آمريڪا جو واپاري معاهدو ٿيو آهي.
آمريڪي رسالي جو چوڻ آهي ته ٽرمپ انتظاميا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ رابطن جي شروعات پاڪ-ڀارت جنگ دوران ٿي، پاڪستان ٽرمپ جي جنگبندي جي اعلان کي ڀليڪار ڪيو، جڏهن ته ڀارت جنگبندي ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
بلومبرگ جو چوڻ آهي ته پاڪستان وٽ اهڙا وسيلا آهن جيڪي آمريڪا جي مفادن لاءِ لاڀائتا ثابت ي سگهن ٿا، جنهن ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي اڃا دريافت نه ٿيل سون ۽ ٽامي جا ذخيرا شامل آهن.
واضح رهي ته ان کان اڳ آمريڪي رسالي ڄاڻايو هو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي فيلڊ مارشل عاصم منير سان امڪاني ملاقات جي ڊپ سبب آمريڪي صدر سان ملاقات کان پاسو ڪيو هو.
رسالي موجب، مودي 17 جون تي آمريڪي صدر جي ماني جي دعوت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇو ته کيس خدشو هو ته آمريڪي صدر کيس فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات ڪرائي سگهي ٿو.
آمريڪي رسالي دعويٰ ڪئي ته 17 جون تي آمريڪي صدر ۽ مودي وچ ۾ 45 منٽن جي فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، اِها ئي فون ڪال آمريڪا ۽ ڀارت جي لاڳاپن ۾ ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿي.
ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڇڪتاڻ سان ڀرپور ڳالهه ٻولهه کانپوءِ آمريڪا ۽ ڀارت جي لاڳاپن ويڇا وڌڻ لڳا، ان تڪرار جي پهرين جهلڪ ان وقت نظر آئي جڏهن ٽرمپ ڀارتي معيشت کي ” مئل “ قرار ڏنو.
ان کانپوءِ آمريڪي صدر ٽرمپ ڀارتي شين تي 50 سيڪڙو ٽيرف پڻ لاڳو ڪيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.