” بالي ووڊ وارن ۾ پروفيشنل نالي جي ڪا شيءِ ناهي“ راڌيڪا آپٽي آپي مان نڪري وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) انوکن ڪردار سبب مشهور بالي ووڊ جي بي باڪ اداڪارا راڌيڪا آپٽي انڪشاف ڪيو آهي ته ڳورهاري هئڻ دوران شوٽنگ وقت کيس ڪنهن به تڪليف يا سور جي صورت ۾ ڊاڪٽر وٽ وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اداڪارا نيها ڌوپيا سان انسٽاگرام لائيو سيشن ۾ ڳالهائيندي ڳورهاري هئڻ دوران شوٽنگ وقت پيش ايندڙ ڏکيائين ۽ انڊسٽري جي رويي تي روشني وڌي.
اداڪارا بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ پروفيشنل ازم زمين آسمان جو فرق آهي، هالي وڊ ۾ عزت ۽ احترام ڏنو وڃي ٿو ۽ مسئلن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته بالي ووڊ مسئلن کي واڌايو وڃي ٿو.
سندس چوڻ هو ته جڏهن هوءَ ڳورهاري هئي ته هن سڀني هدايتڪارن ۽ فلمسازن کي آگاهه ڪيو ته ڪم دوران ڪابه پريشاني پيدا نه ٿيڻ گهرجي.
راڌيڪا آپٽي جو چوڻ هو ته جڏهن هوءَ پيٽ سان هئي ته هوءَ هڪ هالي ووڊ منصوبي تي ڪم ڪري رهي هئي ۽ فلمساز اِهو ڄاڻي خوش ٿي ته مان ڳورهاري هئڻ باوجود ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي ۽ يقين ڏياريو ويو ته ڪابه پريشاني نه ٿيندي.
اداڪار ٻڌايو ته هن هالي ووڊ فلمساز کي چيو ته حمل سبب شايد منصوبي جي آخر تائين هوءَ ائين نظر نه اچي جيئن هاڻي آهي، جنهن تي فلمساز کلندي چيو ته ڪا ڳالهه ناهي، اهڙين حالتن ۾ ائين ٿيندو آهي توهان پريشان نه ٿيو منصوبو مڪمل ٿي ويندو.
اداڪارا شڪايت ڪئي ته جڏهن هن حمل جو اطلاع بالي ووڊ جي ماڻهن کي ڏنو ته هڪ پروڊيوسر ڪاوڙجي ويو ۽ مٿس وڌيڪ سختيون ڪرڻ لڳو.
راڌيڪا آپٽي ٻڌايو ته ان پروڊيوسر شوٽنگ دوران پڪ ڪئي ته اداڪارا حمل دوران تمام سوڙها ڪپڙا پائي اچي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ڳورهاري هئڻ سبب کيس سوڙهن ۽ مختصر لباس پائڻ ۾ پريشاني ٿيندي هئي، پر فلمساز ان باوجود کيس سوڙهو لباس پائڻ جو چيو.
اداڪارا موجب، ڳورهاري هئڻ سبب ڪڏهن ڪڏهن شوٽنگ دوران ئي طبيعت خراب ٿي ويندي هئي ۽ سور ٿيندو هو، پر کيس ڊاڪٽر وٽ وڃڻ جي اجازت به نه ڏني ويندي هئي.
ياد رهي ته راڌيڪا آپٽي کي ڊسمبر 2024 ۾ اٽڪل 12 سالن جي شادي کانپوءِ پنهنجي پهرئين ٻار کي جنم ڏنو هو .
راڌيڪا آپٽي 2012 ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ ئي خاموشي سان برطانوي بواءِ فرينڊ بينڊڪٽ ٽيلر سان شادي ڪري ڇڏي هئي ۽ پوءِ ميڊيا کي ٻڌايو هو ته هن کان پنهنجي شاديءَ جون تصويرون ڪڍڻ وسري ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.