گهوٽڪي ۾ پوليس حملي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ماستر بڻجي ويو

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) گهوٽڪي  پوليس  جو ڪارنامو, پڪٽ تي حملو پوليس اهلڪار جي قتل ڪيسن ۾ گهربل روپوش  جوابدار تعليم کاتي ۾ ماستر بڻجي ويو, رپورٽ موجب گهوٽڪي ضلعي ۾ پوليس ۽ تعليم کاتي جو ڪارنامو شهيد پوليس اهلڪار شاھ علي سيال ۽ ڳوٺاڻي بهرام ساوند جي قتل ڪيس ۾ روپوش جوابدار تعليم کاتي ۾ ماستر ڀرتي ٿي ويو آهي شهيد پوليس اهلڪار توڙي ڳوٺاڻي جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار وارث ڏنو ولد ستار ڏنو سندراڻي کي سرحد ٿاڻي جي آندل سندراڻي پوليس ۽ ڊي ايس پي گهوٽڪي نو آبجيڪشن جو سرٽيفيڪيٽ به ڏئي ڇڏيو آهي ڄاڻايل جوابدار وارث ڏنو سندراڻي 3 سال اڳ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪار شاھ علي سيال ۽ ڳوٺاڻي بهرام ساوند جي قتل ڪيس ۾ گهوٽڪي جي آندل سندراڻي ٿاڻي تي روپوش جوابدار آھي ان سلسلي ۾ روزاني عوامي آواز ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس مان جاري ڪيل ويريفڪيشن سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪري ورتو آهي ايس ايس پي آفيس مان جاري ڪيل ويريفڪيشن سرٽيفڪيٽ ٿاڻي ۽ ڊي ايس پي اس آفيس گھوٽڪي مان پڻ ويريفڪيشن ٿيل آهي .قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار وارث ڏنو سندراڻي کي ڪئريڪٽر سرٽيفڪيٽ ڪيئن مليو, ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران جاچ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي, ڊي ايس پي ليگل عطا محمد سومرو جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. شهيد پوليس اهلڪار شاھ علي سيال ۽ ڳوٺاڻي بهرام ساوند جي قتل ڪيس ۾ روپوش جوابدار وارث ڏنو سندراڻي کي تعليم کاتي ۾ ماستر ڀرتي ڪرڻ، نو آبجيڪشن جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي ليگل عطا محمد سومرو کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.