پاڪستان جو زيلنسڪي جي دعويٰ تي يوڪرين کان باظابطا وضاحت طلب ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان يوڪريني صدر جي بيان تي يوڪرِين کان باظابطا وضاحت طلب ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي آفيس ۾ هفتيوار بريفنگ دوران ترجمانِ شفقت علي خان چيو ته اسرائيل جي والار پسندي خطي وارو عمل ڇڪتاڻ ڏانهن وٺي ويندو، پاڪستان اسرائيل کي تسليم نٿو ڪري ۽ فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن دوران اسرائيل سان رابطي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
ترجمان چيو ته پاڪستان يوڪريني صدر طرفان يوڪرِين جنگ ۾ پاڪستانين جي ملوث هئڻ جي الزام کي رد ڪري ٿو.
هن چيو ته يوڪريني اختيارين اڃا تائين پاڪستان سان رابطو ڪري الزام بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي، يوڪرِين بابت ڪي به تصديق جوڳا ثبوت پاڪستان کي مهيا ناهن ڪيا ويا، جڏهن ته پاڪستان يوڪرِين کان باظابطا وضاحت طلب ڪندو.
ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته افغان پرڏيهي وزير ملا امير متقي جي پاڪستان جي دوري جي رد يا ملتوي ٿيڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ان حوالي سان حتمي تاريخ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڃا طئي ٿيڻ باقي آهي، جڏهن تاريخ طئي ٿي ويندي ته پرڏيهي کاتو باظابطا دوري جو اعلان ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.