نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو ته اسان پنهنجن هارين ، ڊيري سيڪٽر، ۽ ماهيگيرن جي مفادن تي ڪا به سوديبازي نه ڪنداسين، مودي جي هي بيان وڏي پيماني تي آمريڪي ٽيرف بابت سندس پهريون عوامي ردعمل سمجھيو پيو وڃي، نئين دهلي ۾ هڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مودي چيو ته، مون کي خبر آهي ته مون کي ان جو ذاتي طور تي نقصان ڀوڳڻو پوندو، پر مان ان لاءِ تيار آهيان، چيو وڃي ٿو ته نئين دهلي لاءِ واپاري ڳالهين ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ بڻجڻ وارو سڀ کان اهم نقطو واشنگٽن طرفان ڀارت جي وڏي زرعي ۽ ڊيري منڊي تائين رسائي جي گُهر آهي، ياد رهي ته ڀارت جينياتي طور تي تبديل ڪيل شين جي درآمد جي اجازت ڏيڻ کان به انڪار ڪري چڪو آهي، کين خدشو آهي ته اهي شيون درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ سان ڀارت جي اڪثريتي هندو آبادي جي ثقافتي ۽ مذهبي جذبن کي ڇيهو رسي سگهي ٿو، جيڪي ڳئون کي مقدس سمجهن ٿا.