شھدادپور (ن ع آ) شھدادپور ۾ ٻرھون روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار پيءُ ۽ پٽ ٿڏيتي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، عورت زخمي ٿي پئي،شھر جي ٻرھوڻ روڊ تي لنڊو شاخ وٽ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ ڳوٺ ڪرم الله ڏاھري رھندڙ موٽر سائيڪل سوار پيءُ 50 سالن جو چيتن ڪولھي ۽ 12 سالا پٽ دنيش ڪولھي ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا ۽ فوتي نينگر جي ماءُ شريمتي جيني ڪولھي سخت زخمي ٿي پئي، علائقي واسين ۽ پوليس پھچي فوتين جا لاش ۽ زخمي عورت کي چنگچي ڦٽا تي کڻي سمس اسپتال شھدادپور پھچايا، جتي ڊاڪٽرن پي پٽ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪرڻ بعد ضروري ڪارروائي ڪري فوتي پي پٽ جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا ۽ زخمي عورت کي داخل ڪري علاج ڪيو پيو وڃي.