فيلڊ مارشل جي صدر بڻجڻ جون ڳالهيون بي بنياد آهن \ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) جي سربراهه ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدر بڻجڻ وارين خبرن کي ڪوڙو ۽ بي بنياد قرار ڏنو آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر برطانوي رسالي دي اڪانومسٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته فيلڊ مارشل جي صدر بڻجڻ جون ڳالهيون مڪمل طور تي بي بنياد آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر معرڪا حق کان پوءِ سياسي تجزين کي رد ڪري ڇڏيو، جڏهن دي اڪانومسٽ پاران اهو سوال پڇيو ويو ته پاڪستان ڀارتي فوجي ڪارروائي تي ڇا ردعمل ڏيندو؟ ته ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسين ڀارت جي اوڀر کان شروعات ڪنداسين، شروعات ڀارت جي اندر گهرائي سان حملا ڪرڻ سان ٿيندي، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت کي هي ڳالهه سمجهڻ جي ضرورت آهي ته انهن کي به هر جاءِ تي نشانو بڻائي سگهجي ٿو، پاڪ فوج جي ترجمان مودي جي دهشتگرداڻن حملن جو فوجي ڪارروائي سان جواب ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.