جھيڙي جو نبيرو به جهيڙي ۾ بدلجي ويو، نوجوان قتل، لاش رکي ڌرڻا

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ٻن دوستن وچ ۾ ٿيل جھيڙي جي نبيري جي ويهڪ به جهيڙي ۾ بدلجي وئي، فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو، جنهن دوران ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، مقتول نوجوان جي وارثن لاش کڻي پھريان سٽي ٿاڻي ۽ پوءِ ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باھيون ڏنيون، سٽي ٿاڻي جي حد تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ گذريل رات دير سان ھڪ ھوٽل تي نوجوانن جي ٻن گروپن ۾ جھيڙو ٿيو جنھن دوران ڪيل فائرنگ ۾ 16 ورهين جو ميثم عباس پٽ غلام حسين ڪيريو قتل ٿي ويو، جھيڙي ۽ فائرنگ سبب ھوٽل تي ويٺل ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، اطلاع تي پوليس پھچي مقتول جو لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائي رات دير سان وارثن حوالي ڪيو، لاش ملڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مقتول جي وارثن ۽ دوستن لاش کڻي سٽي ٿاڻي اڳيان ڌرڻو ھنيو، ڪجھه دير بعد اتان لاش کڻي ايس ايس پي آفيس اڳيان رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو، ڪالھه صبح تائين سندن احتجاج جاري رهيو، ڪالھه صبح جو احتجاج ڪندڙن ماڊل اسڪول جي سامھون وارو روڊ به بند ڪري ڇڏيو جنھن سبب اسڪول ويندڙ ٻارن، والدين ۽ آفيسن ڏانھن ويندڙ ماڻھن کي سخت پريشانين کي منھن ڏيڻو پيو، بعد ۾ پوليس عملدارن پھچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالھيون ڪري جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي سندن احتجاج ختم ڪرايو، جنھن بعد ھو مقتول جو لاش گھر کڻائي ويا، ٻڌايو پئي ويو ته ڪجھه ڏينھن اڳ ٻن دوستن وچ ۾ ڪنھن ڳالھه تان جھيڙو ٿيو ھو. جنھن جي نبيري لاءِ ھوٽل تي دوستن جي ھڪ ويھڪ رکي وئي ھئي، جيڪا جهيڙي ۾ بدلجي وئي، واقعي بابت ايس ايڇ او سٽي غلام حيدر شاھاڻي جو چوڻ ھو ته واقعي جو ڪيس اڃا داخل ناھي ڪرايو ويو، مقتول شاھي بازار جي سونار گلي ويجھو پرور شاھه جي پڙ واري علائقي جو رھواسي ھو، مقتول جي وارثن الزام ھنيو آھي ته قتل واقعي ۾ شميم شيخ، حسام شيخ، ياسر قاضي ۽ ٻيا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.