جناح اسپتال جي ڊاڪٽر نازش شوڪاز خلاف اسٽي آرڊر وٺي ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس شيفع صديقي ۽ جسٽس اشتياق ابرهيم تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ ۾ جناح اسپتال بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جناح اسپتال جي شعبن جي سربراهن جي اسٽي آرڊر خلاف جي پي ايم سي جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي، گيسٽرولاجي ڊاڪٽر نازش بٽ پاران شوڪاز نوٽيس خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري اسٽي آرڊر ورتو ويو، جي پي ايم سي جي وڪيل چيو ته اسپتال جا معاملا هلائڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، اسٽي آرڊر سبب نيورو سرجري سميت اهم ڪم متاثر ٿي رهيا آهن، عدالت ڌرين کي پاڻ ۾ ويهي ڪري معاملا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، عدالت چيو ته وقفي کانپوءِ مسئلي جي ممڪن حل بابت تجويزون ڏنيون وڃن، ايسوسيئٽ پروفيسر ڊاڪٽر نازش بٽ ۽ ڊاڪٽر ارم پاران جناح اسپتال خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ٻنهي ڊاڪٽرياڻين خلاف ڪارروائي کان روڪيو ويو آهي، جناح اسپتال جي شعبن ۾ سربراهن جي مقرري بابت اسٽي آرڊ  واري داخل اپيل تي وقفي بعد ٻيهر ٻڌڻي ڪئي وئي، جي پي ايم سي جي وڪيل چيو ته چئن تجويزن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ڊاڪٽر نازش بٽ کي هاءِ ڪورٽ ۾ فيصلو ٿيڻ تائين عهدي کان نه هٽايو ويندو، نيورو سرجري جي شعبي کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز تي به غور ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.