اسلام آباد (م ڊ) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCCI) مذهب جي توهين بابت الزامن جي جاچ لاءِ قائم ٿيندڙ عدالتي ڪميشن جي قيام کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. درخواست ۾ اين سي سي آءِ آءِ موقف اختيار ڪيو آهي ته مذهب جي توهين بابت ڪيترائي ڪيس هاڻي به ٽرائل ڪورٽن ۾ زيرِ التوا آهن، ۽ اهڙي ڪميشن جو قيام انهن مقدمن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو. ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هڪ اڳوڻي حڪم ۾ وفاقي حڪومت کي 30 ڏينهن اندر فئڪٽ فائنڊنگ ڪميشن قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن جو مقصد اهو طئي ڪرڻ هو ته مذهب جي توهين وارن قانونن جو غلط استعمال ته نه پيو ٿئي. درخواست ۾ اين سي سي آءِ آءِ دعويٰ ڪئي آهي ته هو هڪ غيرجانبدار رياستي ادارو آهي، جيڪو ڪنهن به ڪيس کان اڳ ڊجيٽل ثبوت يقيني بڻائي ٿو، ۽ پوءِ ئي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي آهي. واضح رهي ته 100 کان وڌيڪ ماڻهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ گڏيل درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو ته انهن جي مٽن مائٽن خلاف توهينِ مذهب جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. درخواستگزارن جو الزام آهي ته سوشل ميڊيا تي اهڙو مواد شايع ڪرڻ يا شيئر ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو، جيڪو مبينه طور تي توهينِ مذهب جي دائري ۾ اچي ٿو، جڏهن ته حقيقت ۾ انهن ماڻهن کي هڪ مبينا "هني ٽريپ گينگ” پاران ڦاسايو ويو. اين سي سي آءِ آءِ پنهنجي درخواست ۾ اسپيشل برانچ جي 2024 جي رپورٽ جو به ذڪر ڪيو، جنهن موجب ان سازش ۾ ايف آءِ اي جا ڪجهه اهلڪار به شامل آهن. جڏهن انهن کان ثبوت گهريا ويا ته هو فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.