واٽس ايپ ”شڪي گروپن۾ ۽ “ٺڳن“ کا بچاءُ جو حل پيش ڪري ڇڏيو

واٽس ايپ ۾ گروپن جي حوالي سان هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
”سيِفٽي اوور ويو“ نالي فيچر ذريعي واهپيدار کي اڻڄاتل ماڻهن طرفان شڪي گروپن ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان تحفظ فراهم ڪيو ويندو.
جڏهن توهان کي ڪنهن اهڙي شخص طرفان واٽس ايپ گروپ ۾ شامل ڪيو ويندو، جيڪو توهان جي رابطن واري لسٽ ۾ ناهي ته ڪمپني طرفان گروپ جي تفصيلن سان گڏ سيِفٽي ٽِپس مهيا ڪيون وينديون ته جيئن ممڪن فراڊ کان بچي سگهجي.
ميٽا موجب، هي فيچر بنيادي طور تي ان وقت سرگرم ٿيندو، جڏهن ڪنهن اڻڄاتل فرد طرفان واهپيدار کي ڪنهن گروپ ۾ شامل ڪيو ويندو.
اهڙي صورت گروپ جي تفصيل ۾ ڄاڻايو ويندو ته توهان کي ڪهڙي شخص شامل ڪيو آهي، گروپ جا ميمبر ڪيترا آهن،اِهو ڪنهن ٺاهيو آهي.
ان طريقي سان واهپيدار کي گروپ جي مستند هئڻ جو جائزو وٺڻ ۾ مدد ملندي.
انهن تفصيلن جي بنياد تي واهپيدار گروپ ۾ رهڻ يا ان مان نڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهندو.
واهپيدار گروپ جي چيٽس به ڏسي سگهندو ۽ جيڪڏهن کيس ڪجهه شڪي محسوس ٿيو ته هو ترت گروپ ڇڏي سگهندو.
جيتوڻيڪ واهپيدار طرفان گروپ ۾ رهڻ جو فيصلو نه ڪيو ويندو، تيستائين ان گروپ جا سمورا نوٽيفڪيشن به ميُوٽ رهندا.
هي نئون فيچر واٽس ايپ طرفان واهپيدار کي ممڪن فراڊ کان بچائڻ جي ڪوششن جو حصو آهي.
جيئن اڻڄاتل ماڻهن جي ڪالز کي سائلنٽ ڪري سگهجي ٿو.
اهڙي طرح ميٽا موجب، واٽس ايپ جي 6 لک 80 هزار کان وڌيڪ اڪائونٽس تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جيڪي اسڪيم سينٽرز سان واڳيل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.