واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت مان درآمدن تي وڌيڪ 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ڀارت تي مجموعي ٽيرف 50 سيڪڙو ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب وائيٽ هائوس ٻڌايو ته صدر ٽرمپ طرفان جاري ايگزيڪيوٽو آرڊر تحت ڀارت تي واڌو 25 سيڪڙو ٽيرف لڳايو ويو آهي، ايگزيڪيوٽو آرڊر ۾ ٽرمپ چيو ته ڀارتي حڪومت روس کان تيل درآمد ڪري رهي آهي.
وڌيڪ ٻڌايو ويو ته لاڳو قانونن موجب ڀارت مان درآمد ٿيل شين تي آمريڪا جي ڪسٽم حدن ۾ واڌو 25 سيڪڙو ڊيوٽي لاڳو ڪئي ويندي.
ٽرمپ جو چوڻ هو ته اهو ضروري ۽ مناسب فيصلو آهي ته ڀارت مان درآمدن تي واڌو ڊيوٽي لاڳو ڪئي وڃي.
واضح رهي ته خميس 7 آگسٽ کان 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ٿيندو، جڏهن ته اڄوڪو اعلانيل ٽيرف ٽن هفتن ۾ لاڳو ٿيندو.
You might also like