لاهور ۾ پاڪستان جي پهرين اربن اليڪٽرڪ ٽرين ايس آر ٽي جو ڪامياب تجربو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ اورينج لائين ٽرين جي ڪامياب تجربي کان پوءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ هڪ ٻي اهم اڳڀرائي طور پاڪستان جي پهرين جديد ترين اربن اليڪٽرڪ ٽرين سپر آٽانومس ريپڊ ٽرانزٽ (ايس آر ٽي) جو ڪامياب تجرباتي سفر ڪيو ويو آهي.
وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز علي ٽائون کان مسلم ٽائون تائين ان منفرد اربن اليڪٽرڪ ٽرين جي روڊ ٽيسٽ پاڻ مانيٽر ڪئي ۽ عام ٽريفڪ وچ ۾ ان جي ڪارڪردگي جو جائزو به ورتو.
وزيراعليٰ جديد سهولتن سان ليس SRT جو معائنو ڪيو ۽ ان ۾ موجود ايئر ڪنڊيشنڊ دٻن ۽ ٻين سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي ٽرانسپورٽ واري وزير بلال اڪبر ٽرين بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هيءَ مڪمل طور اليڪٽرڪ ٽرين آهي، جيڪا هڪ ڀيرو چارج ٿيڻ کانپوءِ 40 ڪلو ميٽر تائين سفر ڪري سگهي ٿي.
3 بوگين تي ٻڌل هن جديد ٽرين ۾ 320 مسافرن جي گنجائش آهي، ٽرين کي چيني ڪمپني نورنڪو انٽرنيشنل تيار ڪيو آهي، جيڪا ترڪي، چين، دبئي سميت ٻين ملڪن ۾ به ڪاميابي سان هلائي پئي وڃي.
ان موقعي تي مريم نواز چيو تهSRT نه رڳو ماحولياتي گدلاڻ گهٽ ڪندي پر ٽريفڪ جي رواني کي به بهتر بڻائيندي.
هن چيو ته SRT جي شروعات سان لاهور جي خوبصورتي ۾ واڌ ٿيندي ۽ جلد ئي اهڙيون ٽرينون فيصل آباد ۽ گوجرانوالا ۾ به هلائڻ جو ارادو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.