”حقيقي آزادي لاءِ نڪرڻو پوندو“ عمران خان 14 آگسٽ تي احتجاج جو نئون سڏ ڏئي ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان 14 آگسٽ تي عوام کي احتجاج جو نئون سڏ ڏئي ڇڏيو، گڏوگڏ هن چيو ته پارٽي جي جن ميمبرن کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي، انهن جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي اميدوار کي نامزد نه ڪيو ويندو، ڇو ته اهي نااهليون غير قانوني ۽ ناجائز طور ڪيون ويون آهن.
اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته پي ٽي آءِ باني 14 آگسٽ تي احتجاج جو نئون سڏ ڏيندي چيو آهي ته حقيقي آزادي لاءِ اٿڻو پوندو، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ختم ٿي چڪي آهي، ۽ هاڻ وقت اچي ويو آهي ته قوم حقيقي آزادي لاءِ ٻاهر نڪري.
هن پنهنجي پارٽي اڳواڻن کي پيغام ڏنو آهي ته گرفتارين ۽ جيلن کان نه ڊڄن، گڏوگڏ اها به هدايت ڪئي آهي ته جن اڳواڻن کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي، انهن جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي نامزد نه ڪيو وڃي، ڇو ته اهي نااهليون ناجائز طريقي سان ڪيون ويون آهن.
عليمه خان موجب عمران خان خيبر پختونخواهه حڪومت کي چٽو پيغام ڏنو آهي ته موجوده آپريشن فوري طور روڪيو وڃي، پنهنجي ئي ماڻهن خلاف ڪارروايون پارٽي خلاف نفرت وڌائينديون، مسئلي جو حل طاقت نه پر روايتي جرڳن ذريعي ڪڍڻ گهرجي، جيڪڏهن وڏو وزير علي امين گنڊاپور آپريشن نٿو روڪي سگهي ته کيس سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته هاڻ ڪهڙو قدم کڻڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.