ويسٽ انڊيز، پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪنگسٽن (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ ( ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز ) پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز طرفان ون ڊي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ ٽيم جي قيادت شي هوپ کي سونپي ويئي آهي.
ٻين رانديگرن ۾ جوَيل اينڊريو، جيڊيا بليڊس، ڪيسي ڪارٽي، روسٽن چيز، ميٿيو فورڊ، جيسٽن، گِراويس ۽ عامر جانگو شامل آهن.
ان کانسواءِ شيمار جوزف، برينڊن ڪنگ، ايون ليوس، گڙڪيش موتئي، شريفن ردرفورڊ، جيڊن سيلز ۽ رومارئيو شيفرڊ به اسڪواڊ جو حصو آهن.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز خلاف ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز اٺ آگسٽ کان شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.