حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ خيراتي اسپتال طور قائم ٿيل مشهور ولي ڀائي راجپوتانه اسپتال سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن جي انتظام هيٺ وڃڻ ۽ ڪاروباري مقصدن جي لاءِ استعمال ٿيڻ کانپوءِ گذريل ٻن سالن کان بند پيل آهي، پر هاڻ اسپتال ۽ ان جي زمين بلڊر مافيا حوالي ٿيڻ جا بھ افواهھ هلي رهيا آهن، اهڙي عمل خلاف حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ بينر بھ لڳايا ويا آهن، جن تي لکيل آهي ته عوام کي اپيل ڪئي وڃي ٿي ته راجپوتانه اسپتال کي بلڊر مافيا حوالي ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ فوري طور تي اسپتال کي بحال ڪيو وڃي، اهڙا بينر آل پاڪستان راجپوتا فيڊريشن ايڪشن ڪميٽي جي نالي سان پريس ڪلب، صدر، حيدر چوڪ، گول بلڊنگ ۽ ٽاور مارڪيٽ سميت ٻين علائقن ۾ لڳل نظر اچي رهيا آهن، راجپوتا اسپتال کي بند ٿيندي ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي ۽ هاڻ اسپتال جي عمارت به زبون حالي جو شڪار ٿي رهي آهي. اسپتال جو فرنيچر، مشينون ۽ ٻيو سمورو سامان اسپتال مان ٻئي هنڌ منتقل ٿي چڪو آهي، اسپتال ۾ قائم ٿيل وارڊن، ڪمرن ۽ ميڊيڪل اسٽورن سميت سمورن شعبن کي تالا لڳل آهن، سوشل ميڊيا تي وڏي عرصي کان اها خبر به گردش ڪري رهي آهي ته ڪجهه بااثر ماڻهو اسپتال ۽ ان جي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسپتال ڪنهن بلڊر حوالي ٿي رهي آهي ۽ اسپتال جي جاءِ تي رهائشي اسڪيم شروع ٿيندي،21 فيبروري 1968ع تي ان وقت جي حڪومت آل پاڪستان راجپوتانه فيڊريشن کي خيراتي اسپتال، ميڊيڪل ڪاليج ۽ لاڳاپيل ادارن جي قيام لاءِ ڏني هئي، جڏهن ته اسپتال جو بنياد 1972ع ۾ پيو. اسپتال جي اڏاوت جي لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن چندو ڏنو، جنهن ۾ واپاري، اداڪار، زميندار ۽ ٻيا سرندي وارا ماڻهو شامل هئا، اسپتال ۾ ڪمرن جي اڏاوت جي لاءِ چندو ڏيندڙن جا نالا اڄ ڏينهن تائين اسپتال جي انهن ڪمرن جي دروازن وٽ لڳل پٿرن تي لکيل آهن، جڏهن ته هڪ سئو کان وڌيڪ چندو ڏيندڙ ٻين ماڻهن جي نالن وارو پٿر به اسپتال ۾ لڳل آهي پر اسپتال جڙڻ جي ڪجهه سالن کانپوءِ اسپتال سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن جي انتظام هيٺ اچي وئي، جن اسپتال ۾ پنهنجي انتظاميا مقرر ڪئي ۽ اسپتال کي خيراتي مقصدن بدران ڪاروباري مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، اسپتال ۾ سٺو مفت علاج ٿيڻ بجاءِ مريضن کان علاج جي مد ۾ ٻين خانگي اسپتالن جيان وڏي رقم وصول ڪئي وئي، اسپتال جي بند ٿيڻ جي شروعات تڏهن ٿي جڏهن ڪورونا وبا کانپوءِ ضلعي انتظاميا اسپتال ۾ ڪورونا جي مريضن جي لاءِ آئيسوليشن وارڊ قائم ڪيو، جيڪو ڪورونا وبا گهٽجڻ بعد ختم ٿيو ته اسپتال انتظاميا ضلعي انتظاميا کي 46 لک روپين کان وڌيڪ بل ڏياري موڪليو، جنهن تي ضلعي انتظاميا بل ڏيڻ کان انڪار ڪندي اسپتال انتظاميا کي حڪومتي شرطن کان آگاهه ڪيو ۽ خيراتي اسپتال کي ڪاروباري مقصدن طور استعمال ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي ڪارروائي جي شروعات ڪري ڇڏي،27 آڪٽوبر 2021ع تي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومري سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن کي خط لکي راجپوتانه فيڊريشن کي ڏنل زمين جي ليز رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، جڏهن ته ان کانپوءِ مقرر ٿيل ڊپٽي ڪمشنر طارق قريشي آڪٽوبر 2023ع تي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر جي خط جو حوالو ڏيندي وڌيڪ ڪارروائي ڪندي ڊويزن جي ڪمشنر کي هڪ خط لکي اسپتال کي ڪنهن بااعتماد اداري حوالي ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، ڊي سي جي خط ۾ لکيل هو ته سنڌ حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ واضح حڪمن تحت زمين صرف خيراتي مقصد لاءِ ڏئي سگهجي ٿي، پر فيڊريشن ان زمين کي ڪاروباري مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري اسپتال هلائي رهي آهي، جيڪا شرطن جي ڀڃڪڙي آهي. حيدرآباد جي انتظاميا شرطن ۽ سپريم ڪورٽ جي 5 مئي 2005ع ۽ 12 اپريل 2007ع جي فيصلي جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي زمين اسپتال سميت واپس وٺڻ جي سفارش ڪئي.