شبلي فراز، عمر ايوب، زرتاج گل سميت پي ٽي آءِ جا 9 پارليامينٽ ميمبر نااهل

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شبلي فراز ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب سميت تحريڪ انصاف جي 9 پارليامينٽ ميمبرن کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن 9 اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽرن کي نااهل قرار ڏنو آهي، 9 مئي جي ڪيسن ۾ سزائون ٿيڻ تي انهن ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي، نااهل ٿيندڙن ۾ 5 ايم اين اي، 3 ايم پي اي ۽ هڪ سينيٽر شامل آهن، اليڪشن ڪميشن طرفان سينيٽر شبلي فراز، ايم اين اي عمر ايوب، راءِ حيدر علي، صاحبزادا حامد رضا، راءِ حسن نواز، زرتاج گل، ايم پي اي انصر اقبال، جنيد افضل، راءِ محمد مرتضيٰ اقبال کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي ۽ انهن جون سيٽون خالي قرار ڏنيون ويون آهن، عمر ايوب کي اين اي 18 هري پور، راءِ حيدر علي کي اين اي 96 فيصل آباد، صاحبزاده حامد رضا کي اين اي 104 فيصل آباد، راءِ حسن نواز کي اين اي 143 ساهيوال، زرتاج گل کي اين اي 185، انصر اقبال کي پي پي 73 سرگوڌا، جنيد افضل ساهه کي پي پي 98 فيصل آباد ۽ راءِ مرتضيٰ اقبال کي پي پي 203 ساهيوال مان نااهل قرار ڏنو ويو آهي، پي ٽي آءِ ميمبرن جي نااهلي بعد قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جون سڀني ميمبرن جون سيٽون خالي قرار ڏنيون ويون آهن، قومي اسيمبلي جون 5 ۽ سينيٽ جي هڪ سيٽ خالي قرار ڏني وئي آهي، ان کان سواءِ پنجاب اسيمبلي جون 3 سيٽون به خالي قرار ڏنيون ويون آهن، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان دهشتگردي ٽوڙ عدالت فيصل آباد جي حڪم تحت اهي سيٽون خالي قرار ڏنيون آهن، واضح رهي ته 31 جولاءِ تي فيصل آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي 3 مختلف ڪيسن ۾ فيصلو ٻڌائيندي عمر ايوب ۽ شبلي فراز سميت 196 ميمبرن کي 10 سال قيد جون سزائون ٻڌايون هيون، ياد رهي ته 9 مئي 2023ع تي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان گرفتار ڪرڻ بعد پي ٽي آءِ طرفان سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.