سويلين ادارن تي اسٽيبلشمينٽ جو ڪنٽرول وڌڻ لڳو؟

اسلام آباد (اسد طور) ڪالهه ٻن اهم مقررين جي خبر آئي. هڪ ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد سعيد آهي جنهن کي واپڊا چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. هو برگيڊيئر طور اڳوڻي آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني جو پرسنل سيڪريٽري هو. پوءِ هو آءِ ايس آءِ ۾ ميجر جنرل طور ڊي جي اي به رهيو. پوءِ هو ڪراچي ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي بڻيو. جنرل فيض حميد ۽ جنرل باجوا ويندي ويندي خاص ماحول ڇڏي ويا هئا ۽ بعد ۾ جنرل عاصم منير جڏهن آرمي چيف بڻيو ته اعتماد جوڳي ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد کي آرمي چيف چيف آف جنرل اسٽاف سي ٽي سي طور آندو. بعد ۾ هو رٽائر ٿي ويو، رٽائرمينٽ کانپوءِ ايس آءِ ايف سي ۾ به سندس صلاحڪار وارو ڪردار رهيو. پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ دوران به اسٽيبلشمينٽ 2 دفاعي تجزئي نگار ٽي وي ڏانهن موڪليا جن ۾ ليفٽيننٽ رٽائرڊ ناصر جنجوعه هو ۽ ٻيو ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد هو. جيڪڏهن هاڻي هو واپڊا چيئرمينبڻيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ آرمي چيف جي تجويز تي ئي کيس حڪومت واپڊا چيئرمين بڻايو آهي ڇو ته هو اسٽيبلشمينٽ لاءِ اعتماد جوڳو آهي. روايتي طور واپڊا جو عهدو اسٽيبلشمينٽ وٽ ئي رهندو آهي. ٻئي پاسي محسن نقوي چيو هو ته گهرو وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري گهرو وزارت جي ماتحت سولين آرمڊ فورسز کي هيڊ ڪندو آهي، اتي ڪو حاضر سروس ميجر جنرل يا رٽائرڊ ميجر جنرل کي مقرر ڪيو ويندو. هاڻي خبر آهي ته ان عهدي تي ميجر جنرل کي مقرر ڪيو پيو وڃي. ميجر جنرل آءِ جي ايف سي رهيو آهي، جي او سي پنو عاقل رهيو آهي، آءِ ايس آءِ ۾ به رهيو آهي. گهرو وزارت جي ماتحت فورسز ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلٽي، آءِ بي، پوليس، اين سي سي آءِ، ايف آءِ اي، سي ٽي ڊي، اي ايس ايف، اي اين ايف جهڙا ادارا اچن ٿا. اها مقرري تمام اهم آهي. ڇو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، سويلين هٿياربند جاچ ادارا اهي به اوهان چئي سگهو ٿا ته پهريون ڀيرو اسٽيبلشمينٽ جي ڪنٽرول ۾ هليا ويا آهن، ڇو ته حاضر سروس ميجر جنرل مٿن سربراهه بڻجي ويو آهي. ترڪي ۾ جڏهن اردگان خلاف مارشل لا جي ڪوشش ٿي ته پوليس ۽ سويلين فورس مزاحمت ڪئي هئي ۽ مارشل لا کي ناڪام بڻايو هو ۽ فوجي اهلڪارن کي هنن گرفتار ڪيو هو. پاڪستان ۾ مارشل لا لڳڻو هوندو ته وزيراعظم کي آءِ بي وٽان اطلاع ملندو ڇو ته اها سويلين انٽيليجنس ايجنسي آهي، جيڪا وزيراعظم کي رپورٽ ڪري ٿي. وزيراعظم کي اهڙي رپورٽ تي جيڪڏهن پنهنجو دفاع ڪرڻو هوندو ته پوليس، رينجرز، فيڊرل ڪانسٽيبلري جيڪي گهرو وزارت جي ماتحت اچن ٿيون، اهي هاڻي ان ئي ايڊيشنل سيڪريٽري جي ماتحت اينديون جيڪو حاضر سروس ميجر جنرل هوندو. جيڪڏهن وزيراعظم کيس چوندو ته فورسز کي گهرايو ته اهي وزيراعظم هائوس کي تحفظ ڏين ته اتي ميجر جنرل ويٺو هوندو جيڪو وزيراعظم جو فون ٻڌي رکي ڇڏيندو. ٻي ڳالهه اها ته ملڪ ۾ گهرو معاملن، خاص طور پي ٽي آءِ بابت معاملن ۾ ڪنٽرول اسٽيبلشمينٽ جو آهي، ان کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ اتي به پنهنجو ميجر جنرل آندو آهي. فيڊرل ڪانسٽيبلري ۾ ڀرتيون ٿيڻيون آهن، امڪان آهي ته ان ۾ فوج جي رٽائرڊ ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويندو. اهو عمل به ميجر جنرل جي ماتحت ٿيندو.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز اربع 06 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.