سنڌ اسيمبليءَ پاران ڪشمير جي حيثيت ۾ تبديلي خلاف يڪراءِ ٺهراءُ منظور

ڪراچي(رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) سنڌ اسيمبليءَ جي حڪومتي ۽ مخالف ڌر يڪراء ٿي ڪشمير خلاف ڀارتي موقف ۽ تشدد خلاف ڪالهه اڱاري واري ڏينهن جي اجلاس ۾ ٺهراءُ  منظور ڪري ورتو، جيڪو  قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار پيش ڪيو هو۔ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايون ۾ ڳالهائيندي پاڪستان جي  موقف کي ورجايو ته "ڪشمير اسان جي شهه رَڳ آهي” ۽ ڀارت جي غاصب حڪومت اڄ جي ڏينهن تي والاريل ڪشمير جي حيثيت ۾ تبديلي آڻي جيڪا ڪوشش ڪئي هئي، اهو قدم مڪمل طور غيرقانوني ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي هئي، جنهن جي سنڌ اسيمبلي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي۔ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سندن پارٽي جي باني شهيد ڀٽو دنيا ۾ ڪشميرين لاءِ هميشه آواز بلند ڪيو، ۽ چيو ته هو ننڊ ۾ به ڪشمير بابت ڪڏهن به غلط فيصلو نه ٿو ڪري سگهي۔ ڀارت مئي ۾ آزاد ڪشمير تي حملي جي ڪوشش ڪئي، پر اسان جي بهادر فوج ۽ قوم گڏجي ڀرپور جواب ڏنو، ڀارتي جهاز ڪيرائي ڇڏيا، ايئر فيلڊ تباهه ڪيا، ۽ ڪجهه ڪلاڪن اندر ڀارت کي آمريڪا کان جنگ بنديءَ لاءِ مدد وٺڻي پئي۔ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سياسي اختلافن باوجود ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽي سميت سڀني پارٽين گڏجي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي۔ هن چيو ته 5 آگسٽ 2019 تي ڀارت اقوام متحده جي ٺهرائن کي لتاڙي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪئي. جميل سومرو چيو ته پيپلز پارٽي جي بنياد ڪشمير جي مسئلي تي پئي، اها پارٽي 1967 ۾ ٺهي، ۽ اها ڪڏهن به خاموش نٿي رهي سگهي۔ تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته ڪشمير ۾ مسلمان اڪثريت ۾ هئا، پر هندو شهزادي جي حوالي سان ڀارتي فوجن زبردستي قبضو ڪيو۔ سنڌ اسيمبلي هي ٺهراءُ متفقه طور تي منظور ڪيو، جنهن کان پوءِ اسيمبلي جو اجلاس جمعي جي منجھند ٽي وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.