اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي (پي ڪي ميپ) جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته آئين جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن، پ پ به شامل آهي، اچو، سڀ توبه ڪريون ۽ هڪ ٻئي کي معاف ڪريون. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران، اسپيڪر قومي اسيمبلي کي مخاطب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته اوهان چيو ته هڪ ميمبر آئين جي پاسداري نه ڪئي آهي، پر اوهان ايون جي نگهبان (ڪسٽوڊين) طور پنهنجو ڪردار وڃائي ويٺا آهيو. هن چيو ته اوهان جي ميمبرن کي هتان زوريءَ ٻاهر ڪڍيو ويو، جيڪڏهن اوهان نگهبان ناهيو رهيا.محمود خان اچڪزئي اهو به چيو ته باني پي ٽي آءِ ملڪ جو سڀ کان مقبول اڳواڻ آهي. اسپيڪر چيو تهاوهان سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو، ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. پوڻن چئن سالن جي پروڊڪشن آرڊر جا رڪارڊ سامهون آڻيون ته سڀ واضح ٿي ويندو. سڀني صوبن کي پنهنجن وسيلن تي حق ملڻ گهرجي. جيڪڏهن ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ٿي ته ان جي ذميوار شهباز شريف جي حڪومت هوندي.