ريحانه آنٽي هجي يا ڪو ٻيو،قانون ٽوڙيندڙ گرفتار ٿيندا:طلال چوڌري

اسلام آباد(بيورو)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري عمران خان جي آزادي بابت چيو آهي ته پڦيون نڪري آيون،زال نڪري آئي،هاڻي ٻار اچي ويا ته ڇا ڪندا، قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران چيو آهي ته “ريحانه آنٽي هجي يا ڪو ٻيو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو قانون ٿو ٽوڙي، ته پوءِ عمر جي ڪا به اهميت نه رهي ٿي ، قانون سڀني لاءِ برابر آهي، 80 ورهين جو هجي يا 18 ورهين جو۔”هن چيو ته “توهان پنهنجي احتجاجي پروگرام بابت انتظاميه کي اڳواٽ ڇو نٿا ٻڌايو؟ جيڪڏهن ٻڌائيندؤ ته اسين اوهان کي سيڪيورٽي به ڏينداسين ۽ تحفظ به فراهم ڪنداسين، ن وڌيڪ چيو ته  ميڊيا کان رات جو ڏهين وڳي خبر پئي ته ڪي پي ڪي هائوس ۾ ماڻهو گڏ ٿيندا ۽ پوءِ اڊيالا جيل طرف ويندا، اسان اهڙي ڳالهه ٿيڻ نه ڏينداسين، نه ته مجمع گڏ ڪري ڪو جيل يا ٻي جاءِ تي حملو ڪري،هن چيو ته “خيبر پختونخوا جو مسئلو سيڪيورٽي فورسز جو نه پر سياسي قيادت جي بزدلي جو آهي۔ اهڙي طرح بلوچستان ۾ به سياسي قيادت کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،

  1. پيپلزپارٽي تي رحم اچي ٿو، شهيدن جو روح تڙپندو هوندو: لطيف کوسو

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ ايم اين اي لطيف کوسي قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته قانون واري وزير تجويزون ڏنيون، ته گڏجي ويهون، ان جي آجيان ڪريون ٿا، پر ڇا سندس اختيار ۾ اهو آهي ته آئين تي عمل ڪيو وڃي؟ ڇا هو ان تي عمل ڪرائي سگهي ٿو ته اڊيالا جيل سويلين ڪنٽرول ۾ اچي. ڇا هو واعدو ڪندو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪمن موجب ملاقات ڪرائي ويندي؟ هي ملاقات به نٿو ڪرائي سگهي ته وڏيون ڳالهيون ڪيئن ڪري رهيو آهي؟ اسان تي الزام هڻي ٿو ته اسان سندس تجويزن کي رد ڪيو. سندن پنهنجي اختيار ۾ ڪجهه آهي ته اهو ٻڌائين. هن چيو ته 26هين ترميم جهڙي شرمناڪ طريقي سان منظور ڪرائي وئي ان جي دنيا شاهد آهي. هو چوي ٿو ته هن 26هين ترميم سان وڏي جنگ کٽي آهي، هو ڪهڙي قانون جي ڳالهه ڪري رهيو آهي؟ لطيف کوسا چيو ته مون کي ته پيپلزپارٽي تي به ترس اچي ٿو، مان شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سلام ڪريان ٿو پر جهڙي نموني 26هين ترميم آندي وئي، اڄ سندن روح به تڙپندو هوندو. 26هين ترميم سان 1973ع جي آئين جي ڍانچي کي ڊاٿو ويو آهي. ائين ٽن ٿنڀن تي هو، اوهان عدليه جي ٿنڀ کي ڊاهي ڇڏيو. ان ۾ اصلاح ڪهڙي ڳالهه جي ٿيندي؟ هن چيو ته ارڙهين ترميم ۾ پيپلزپارٽي اتفاق راءِ سان آئين ۾ ترميم ڪئي هئي ته سينيئر موسٽ ئي چيف جسٽس بڻجندو. اوهان رڳو جسٽس منصور علي شاهه کي چيف جسٽس بڻجڻ کان روڪڻ لاءِ ترميم ڪري جونيئر جج کي چيف جسٽس بڻائي ڇڏيو.

  1. اياز صادق جو دور ڪارو دور رهيو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ميمبر شيخ وقاص اڪرم کي امڪاني طور ڊي سيٽ ڪرڻ بابت اڳوڻي وفاقي وزيرفواد چوڌري چيو ته اياز صادق هڪ جمهوري شخص آهي پر سندس دور ڪارو دور آهي جتي اسيمبلي ميمبرن کي پارليامينٽ اندران گرفتار ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن کي ميمبرن کي غير آئيني طور تي ڊي سيٽ ڪرڻ ۾ سهڪار ڪيو ويو، هاڻي هو پاڻ غير حاضري جي بهاني هڪ ميمبر کي ڊي سيٽ ڪري رهيو آهي، هو اهڙي ميراث ڇڏي رهيو آهي جنهن تي سندس نسل به شرمسار رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.