حقيقتن جي جاچ سپريم ڪورٽ جو ڪم ناهي: چيف جسٽس

ڪراچي(رپورٽر)سپريم ڪورٽ ٻارن جي خرچ بابت داخل درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن ،سپريم ڪورٽ  ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي ،جسٽس شفيع صديقي ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ ۾ٻارن جي خرچ جي ادائگي بابت شهرين پاران داخل مختلف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ٻارن جي خرچ  بابت معاملا نه اچڻ گهرجن، ٻارن جي خرچ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ  سپريم ڪورٽ جو ڪم ناهي، اسان هتي صرف قانون جي خلاف ورزي کي ڏسنداسين، ٻارن جي خرچ  بابت فيصلو فيملي عدالتن کي ڪرڻ آهي، سپريم ڪورٽ ٻارن جي خرچ  بابت مداخلت نه ڪندي، اسين سمجهون ٿا ته هاءِ ڪورٽ کي به ٻارن جي خرچ  واري ڪيس ۾ فيصلو نه ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.