ڪراچي(رپورٽر) سينيئر وڪيل شمس الاسلام جي قتل وارو معاملي جي ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي هڙتال جو سڏ تي وڪيل وڏي انگ ۾ هاءِ ڪورٽ پهچي ويا، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڪورٽ روم ٻاهران وڪيلن پاران احتجاج ڪيو ويو، وڪيلن پاران جوابدار جي گرفتار جو مطالبو ڪيو ويو، مظاهرين چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي عدالتي ڪارروائي معطل ڪرڻ جي درخواست ڪئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر سرفراز ميتلو ، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر اسلم ڀٽو ، حسيب جمالي ۽ ٻين وڪيلن جي اڳواڻي ۾ احتجاهي مظاهرو ڪيو ويو، چيف جسٽس پاران ڪيس جي ٻڌڻي جاري هي ته وڪيل ڪارروائي معطل ڪرڻ جي درخواست ڪئي، چيف جسٽس چيو ته بورڊ کي صبح 10:30 وڳي ڊسچارج ڪيو ويندو، چيف جسٽس محمد جنيد غفار ، جسٽس ظفر راجپوت، جسٽس اقبال ڪلهوڙو احتجاج ڪندڙ وڪيلن کي چيو ته ساڍي ڏهه وڳي بورڊ ڊسچارج ڪيا ويندا، احتجاج ڪندڙ وڪيلن پاران ساٿي وڪيلن کي عدالتي ڪمرن مان ٻاهر نڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي، جنهن بعد وڪيل عدالتي ڪاروائيون ڇڏي ٻاهر نڪري آيا، جڏهن ته آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس ڪي ڪي آغا، جسٽس ذوالفقار سانگي، جسٽس ارشد خان، جسٽس فيصل ڪمال آغا ۽ ٻين ججز بورڊ ڊسچارج ڪري ڇڏيا، هوڏانهن ڪراچي بار پاران به سٽي ڪورٽ ۾ ٻئي ڏينهن به هڙتال ڪئي وئي.