لنڊن(م ڊ) برطانوي رسالي ”دي اڪانومسٽ“ ۾ ڇپيل مضمون ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف فِيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪا سان لاڳاپن کي نئون رخ ڏيارڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي، مضمون مطابق آرمي چيف عاصم منير جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وائٽ هائوس ۾ ٿيل ملاقات خطي ۾ سفارتي تبديلي جي شروعات هئي، مضمون ۾ فِيلڊ مارشل عاصم منير جي عالمي سطح تي سفارتي ڪوششن کي فائدي مند قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ نون گرمجوش لاڳاپن جو قيام ۽ آمريڪا جي ڀارت بابت پاليسي ۾ تبديلي، انهن ڪاميابين جا مثال آهن، گڏوگڏ، فِيلڊ مارشل جو ڪشمير بابت واضح موقف ۽ ٽرمپ پاران ڀارت تي 25 سيڪڙو ٽريف لاڳو ڪرڻ به انهن ڪاميابين سان جڙيل آهي، رپورٽ موجب آمريڪا ۽ پاڪستان واپاري، دهشتگردي جي روڪٿام ۽ وچ اوڀر بابت پاليسين تي مشاورت جي بنياد تي لاڳاپا بهتر بڻائي رهيا آهن، جيڪو ڀارت لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي، ”دي اڪانومسٽ“ لکي ٿو ته فِيلڊ مارشل جي ڪوششن سبب ئي آمريڪا هاڻ پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ بڪتر بند گاڏيون ۽ نائيٽ ويزن چشما وڪرو ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي، فِيلڊ مارشل عاصم منير ڀارت کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ چاهي ٿو، پر ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ان ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي.
-
هائبرڊ نظام برقرار رهيو ته آرمي چيف ڊگهو مدو ماڻيندو؟
اسلام آباد (عاصما شيرازي+منيب فاروق) مقبول آمريڪي رسالي دي اڪنامسٽ ۾ آرمي چيف بابت لکيو ويو آهي. آمريڪا سميت اولهه جا ملڪ آرمي چيف جي شخصيت ۾ دلچسپي رکن ٿا ۽ سوال رکن ٿا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ سان عاصم منير جا رابطا وڌي ويا آهن، رپورٽ ۾ عاصم منير کي ڀيٽا پيش ڪندي کيس ڏکڻ ايشيا ۾ سفارتي ۽ اسٽريٽجڪ تبديلي جو معمار قرار ڏنو آهي. اهڙي اداري ۾ اها هڪ غير معمولي رپورٽ آهي. رپورٽ موجب، عاصم منير پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ نئون ساهه ڦوڪي رهيو آهي جڏهن ته چين، وچ اوڀر ۽ نار ملڪن سان لاڳاپن کي به ڪاميابي سان نڀائي رهيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آرمي چيف جي ملاقات سان خطي ۾ سفارتي تبديلي جي شروعات ٿي. آمريڪا پاڪستان جي داعش خلاف ڪاررواين جو اعتراف ڪيو آهي. آمريڪا پاڪستان کي بڪتر بند گاڏيون، نائيٽ ويزن اوزار ۽ ٻيو سامان ڏيڻ تي به غور ڪري رهيو آهي. يعنيٰ آمريڪا سمجهي ٿو ته اسان جيڪو چين تي ڀاڙيون ٿا، ان کي گهٽ ڪرڻ گهرجي. دي اڪانمسٽ موجب، آمريڪا يا ٽرمپ جو رويو آرمي چيف ۽ ٽرمپ جي ملاقات کانپوءِ تبديل ٿيو آهي. پاڪستان ۾ اهي ڳالهيون هلي رهيون هيون ته آئيني ترميم سان صدارتي نظام ۾ تبديلي اچي رهي آهي. ان تي عالمي سطح تي به غور ٿيو آهي. اڪنامسٽ جي رپورٽ موجب، موجوده جيڪو هائبرڊ نظام آهي اهو فيلڊ مارشل جي حق ۾ بهتر آهي، رڳو 57 سالن عمر ۾ هو پرويز مشرف کانپوءِ سڀ کان طاقتور آرمي چيف آهي، وٽس هم آهنگ ۽ قابل وزيراعظم آهي، موجوده سياسي سيٽ اپ برقرار رهيو ته هو اڻ ڄاڻايل مدي تائين آرمي چيف رهي سگهي ٿو، ڪو مدو يا لازمي رٽائرمينٽ مقرر ناهي. سويلين حڪومت عمران خان جي حامين کي به دٻائڻ ۾ به هم خيال آهي جن ۾ ڪيترائي گرفتار ٿيا آهن ۽ سزائون ٿيون آهن. جيڪڏهن هو کليل اقتدار سنڀالي ٿو ته اهو عمران خان لاءِ همدردي وڌائي سگهي ٿو. رپورٽ موجب، هو صدر جو عهدو جلد حاصل ڪري سگهي ٿو، پنهنجي مقبوليت ۽ ٽرمپ امن پسنداڻي طبعيت مان فائدو کڻي سگهي ٿو، سندس ارادا اڃا غير واضح آهن، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هو صدر جو عهدو جلد ماڻي سگهي ٿو، اهو عمل سندس طاقت کي باقاعده شڪل ڏئي سگهي ٿو. بعد ۾ رپورٽ ۾ احمد شريف جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته آرمي چيف صدارتي نظام جي حوالي سان ڪجهه نٿو چاهي، ان ۾ ڪا سچائي ناهي، اها بيوقوفي هوندي، عاصم منير، سعودي ولي عهد جي جديد سڌارن مان متاثر آهي، هو مذهب کي ڪارڊ طور استعمال ڪرڻ جو به خلاف آهي. اڪنامسٽ جي مضمون ۾ هنن ڪوشش ڪئي آهي ته هو جنرل عاصم منير جي شخصيت کي پيش ڪن. هو جنرل عاصم منير جي ڪردار کي ڀارت سان جنگ ۾ ڪردار کي به غير معمولي طور ڏسن ٿا. کين تجسس آهي ان جي بنياد تي اهو مضمون ڇپيو آهي. جنهن ۾ اهڙن سوالن جا جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. مضمون ۾ عاصم منير جي شخصيت کي هاڪاري انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي،سول حڪومت وٽ ٻه ڀاڱي اڪثريت آهي،افواهه اهي آهن ته عاصم منير صدر بڻجي سگهي ٿو، جيڪو چوٿون فوجي صدر هوندو،فوجي ترجمان صدارت جي ڳالهه کي بي بنياد قرار ڏئي چڪو آهي،پر سول حڪومت ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان فوجي اثر رسوخ کي وڌيڪ وسعت ڏئي سگهي ٿي،هاڻي 27 هين ترميم به اچي سگهي ٿي،
-
صدر کي هٽائڻ وارين ڳالهين جي پ پ کي اڳواٽ خبر پئجي وئي هئي؟
اسلام آباد (اسد طور) آرمي چيف جڏهن ٽرمپ سان مليو ته پوءِ هتي خوش آمدين آرمي چيف کي صلاحون ڏيڻ شروع ڪيون. ذريعن موجب، آرمي چيف کي چيو ويو ته ٽرمپ سان اوهان جي ملاقات جي تصوير ۽ وڊيو نه آئي، جڏهن وائيٽ هائوس ۾ داخل ٿيا ته اوهان جي رياستي سربراهه جهڙي آجيان نه ڪئي وئي. توهان يورپ ۽ برطانيا ۽ يورپ وڃو ٿا ته عالمي سطح تي اهي پنهنجا پروٽوڪول فالو ڪندا آهن، اوهان کي هيڊ آف دي اسٽيٽ جهڙو پروٽوڪول نه ملندو. آرمي چيف رڳو آرمي چيف سان ملي سگهي ٿو، شايد ان کان وڌيڪ ملاقات عام حالتن ۾ نه ٿي سگهندي. وزيراعظم جن دورن تي ويندو آهي ته آرمي چيف وفد ۾ شامل هوندو آهي، ان ۾ به ساڳيو پروٽوڪول فالو ڪيو ويندو آهي جتي پهريان وزيراعظم شهباز شريف ڳالهائيندو آهي پوءِ وزير، وفد جو ڪو ٻيو وزير ۽ پوءِ آرمي چيف جو نمبر ايندو آهي، جڏهن ته اصل ويزن اوهان جو آهي، شهباز شريف جو ان ۾ ڪجهه ناهي نه ڪو ڪم ڪندو آهي، نه سندس ويزن آهي. پهريان سينيئر وزير، پرڏيهي وزير، يا دفاع وارو وزير اچي ٿو ۽ پوءِ آرمي چيف جو نمبر اچي ٿو. پوءِ ته اوهان کي ئي هيڊ آف دي اسٽيٽ هجڻ گهرجي. اوهان رياستي سربراهه هوندا ته سڌي ريت ملاقاتون ڪري سگهندا. ان بار کان آجا ٿي ويندا. فيلڊ مارشل هن وقت تائين انهن ڳالهين تي ڪن ناهي ڏنو، يا ڪو ويچار ظاهر ناهي ڪيو. پيپلزپارٽي کي اها ڄاڻ پئجي وئي هئي ته ان قسم جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، پوءِ ميڊيا ۾ خبرون آيون. محسن نقوي فيلڊ مارشل عاصم منير جو ويجهو آهي، هو آصف علي زرداري جو به پراڻو ساٿي آهي. آصف زرداري کيس پٽ چوندو آهي.