ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ڊفينس فيز 5 جي رهواسي ناري جي مذهب جي تبديلي ۽ پسند جي شادي بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ناريءَ کي 7 آگسٽ تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران، درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته 2 ڇوڪريون 2021ع کان گم آهن، جڏهن ته پوليس ‘سي ڪلاس’ چالان جمع ڪرايو. پوليس عدالت ۾ نڪاح نامو ۽ مذهب جي تبديليءَ جي ڄاڻ ڏني آهي. چيف جسٽس چيو ته رڪارڊ موجب ڇوڪري پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي، اسان ڇوڪري کي عدالت گهرايون ٿا، جيڪڏهن شادي جبري ثابت ٿي ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڇوڪري کي سخت سڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.