وڪيل خواجا شمس جي قتل جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 6 ۾ سينيئر وڪيل خواجا شمس الاسلام جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، ڪيس جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا ڊي آءِ جي سائوٿ زون جي نگراني هيٺ ڪم ڪندي، ڪميٽي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جا نمائندا ۽ پوليس آفيسر شامل آهن، اها ڪميٽي ڪيس جي مؤثر پيروي ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائيندي، واضح رهي ته پھرين آگسٽ تي خواجا شمس الاسلام جي قتل جو مقدمو درخشان ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.