پ پ ڪراچي کي به لاڙڪاڻي جهڙو گندو بڻائي ڇڏيو آهي: ڪاشف سعيد

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڀٽائي آباد جي دوري دوران ڪارڪنن کي خطاب چيو ته ڀٽائيآباد سميت سنڌي وسندين جي خراب صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. پيپلز پارٽي حڪومت پنهنجي خراب ڪارڪردگي سان ڪراچي جهڙي عالمي شهر کي به لاڙڪاڻي جهڙو شهر بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ٽٽل روڊ ۽ گهٽيون گندي پاڻي سان ڀريل آهن، تڪڙ ۽ غلط حڪمت عملي سان، هن سنڌ جي سڃاڻپ ۽ ثقافت، اجرڪ کي به تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي، اجرڪ اسان جي ثقافت ۽ سڃاڻپ آهي، پر ان جي نالي تي ماڻهن کان چالان ۽ ڦرلٽ ناقابل قبول آهي، اسان هن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هن زور ڀريو ته ڀٽائي آباد ۽ ٻين علائقن جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن، ان موقعي تي خاص مددگار زاهد حسين راڄپر، ناظم جوهر انور صالح، نائب ناظم عثمان خان، ناظم اليڪشن منور حسن، ناظم وارڊ نمبر 1 محمد امين سومرو، ناظم ڌڻي بخش ڳوٺ برڪت علي ميراڻي، طارق مشتاق مهر ۽ ۽ خطيب علاؤ الدين پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.