ليفٽننٽ جنرل (ر) محمد سعيد واپڊا چيئرمين مقرر

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ليفٽننٽ جنرل (ريٽائرڊ) محمد سعيد کي چيئرمين واپڊا مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ڪالهه ملاقات دوران وزيراعظم کيس مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اميد آهي ته ليفٽننٽ جنرل ريٽائرڊ محمد سعيد واپڊا چيئرمين طور پنهنجا فرض بهتر طريقي سان نڀائيندو، ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پڻ شريڪ هئا، واضح رهي ته ليفٽننٽ جنرل (ر) محمد سعيد ڪراچي جو اڳوڻو ڪور ڪمانڊر به رهي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.