سنڌ اسيمبليءَ مان پوليس جي شهيدن کي ڀيٽا، ٺهراءُ منظور

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ اسيمبليءَ پوليس جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ واري قرارداد گڏيل طور تي منظور ڪري ورتي، اجلاس دوران پيپلز پارٽي جي فاروق اعواڻ پوليس جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ واري قرارداد پيش ڪئي جيڪا متفقه طور منظور ڪئي وئي، جنهن ۾ حڪومت سنڌ کان شهيدن جي وارثن لاءِ صحت، تعليم ۽ خاص پيڪيج جي گهر ڪئي وئي، گهرو وزير ضيالنجار قرارداد جي حمايت ڪندي چيو ته شهيدن ملڪ خاطر جانون قربان ڪيون، خاص طور تي ڪچي علائقن ۾ پوليس وڏي بهادري سان آپريشن پيا ڪري، جتي اي پي سيز به ڦاسي پون ٿيون، اتي به پوليس جا جوان بهادري سان بيٺا آهن.سعيد غني چيو ته فاروق اعواڻ جي خدمتن کي به ياد رکڻ گهرجي، جنھن تي حملي بعد به ساڳي جذبي سان ڪم جاري رکيو، پوليس کي مشينري ۽ هٿيار ته ڏنا آهن پر جيڪي هٿيار دهشتگردن وٽ آهن، اُهي پوليس وٽ ناهن، ايم ڪيو ايم جي ميمبر قرت العين خان طرفان پيش ڪيل ڌيان ڌرايو نوٽيس ۾ چيو ته سنڌ ۾ نين نمبر پليٽن لاءِ وقت جي حد عوام لاءِ سخت مسئلو بڻجي چڪي آهي، حڪومت جيڪا ڊيڊ لائن ڏني آهي، اها تمام گهٽ آهي، ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڪو پليٽن بابت نه ٿو پڇي، سختي صرف ڪراچي ۾ ڇو؟ جنهن جو جواب ڏيندي صوبائي وزير چيو ته نيون نمبر پليٽون سڄي سنڌ لاءِ آهن ۽ هن معاملي ۾ سختي ڪئي ويندي، هن ٻڌايو ته نيون نمبر پليٽون 2021 ۾ شروع ڪيون ويون هيون. ڪورنگي، سائيٽ ايريا ۽ گلشن ۾ ايندڙ ٻن کان ٽن مهينن اندر نوان سينٽر کوليا ويندا، پي ٽي آءِ جي محمد اويس پنهنجي ڌيان ڌرايو نوٽيس ۾ چيو ته سنڌ ۾ يو سي ۽ ٽائون چيئرمين فنڊز پاڻ خرچ ڪن ٿا، ڪائونسلر کي نه ٿو پڇيو وڃي. اختيار ڪائونسلر کي ملڻ گهرجن، آڊٽ رپورٽ به ڪائونسلر جي صحيح سان جمع ٿيڻ گهرجي، پارلياماني سيڪريٽري قاسم سراج سومرو چيو ته اسيمبلي مقامي ڪائونسلن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ فنڊز وڌايا، رقم مخصوص فرد کي نه پر ڪائونسل کي ڏني وئي، جيڪڏهن ڪنهن ڪائونسلر کي شڪايت آهي ته لوڪل گورنمينٽ بورڊ ۾ شڪايت ڪري، اسان ايڪشن وٺنداسين، سنڌ اسيمبلي 2025 جو موٽر وھيڪل ترميمي بل منظور ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.