اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان، يهودين پاران مسلمانن جي پهرين قبلي مسجد الاقصيٰ جي بي حرمتي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي، صهيوني قدمن کي انتشار پکيڙيندڙ ۽ ناقابلِ برداشت قرار ڏنو آهي، پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار مسجد الاقصيٰ جي بي حرمتي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي قدمن سان دنيا ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، جيڪي انتشار ڦهلائيندڙ ۽ ناقابل برداشت آهن، پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسرائيلي وزيرن جي مسجد الاقصيٰ۾ موجودگي جو مقصد مذهبي جذبن کي ڀڙڪائڻ آهي، عالمي برادري کي گهرجي ته اسرائيل جي اهڙن عملن جو نوٽيس وٺي، مسجد الاقصيٰ جي حيثيت بدلائڻ جا اسرائيلي ارادا خطي ۾ تباهڪاري ۽ پرتشدد صورتحال پيدا ڪري سگهن ٿا، تنهن ڪري عالمي برادري اسرائيل کي فوري طور تي جوابده بڻائي، اسرائيل جا اهي قدم گڏيل قومن ۽ اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي قراردادن جي کليل ڀڃڪڙي آهن، عالمي ادارن کي گهرجي ته هو فلسطيني عوام جي حقن جو تحفظ ڪن، پاڪستان، فلسطيني عوام جي حق خوداراديت جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام ئي خطي ۾ دائمي امن جي ضمانت آهي.
-
اسحاٰق ڊار ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير جو رابطو، ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻول
اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪ روبيو سان ٽيلفون تي ڳالهه ڪري خطي جي صورتحال تي خيال ونڊيا آهن. ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيال ونڊيا. پرڏيهي وزير اسحٰق ڊار ۽ سندن آمريڪي هم منصب علائقي جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، ۽ ٻنهي پاسي کان باهمي رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ياد رهي ته ان کان اڳ 29 جولاءِ تي به نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحٰق ڊار آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو هو، جنهن ۾ ٻه طرفي معاملن تي خيال ونڊيا ويا هئا. واضح رهي ته 25 جولاءِ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحٰق ڊار جي آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو سان واشنگٽن ڊي سي ۾ اهم ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي واڌاري، سيڙپڪاري، زراعت سميت اهم شعبي ۾ سهڪار تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي هئي.
-
نوان گئس ڪنيڪشن وٺندڙن کي سستي آر ايل اين جي ڏيڻ جو فيصلو
اسلام آباد(بيورو+م ڊ)حڪومت نون گيس ڪنيڪشن وٺندڙن لاءِ سستي آر ايل اين جي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي،حڪومت هڪ اهم قدم کنيو آهي جنهن تحت گهريلو ۽ واپاري شعبي ۾ نون گيسڪنيڪشن جي خواهشمندن کي درآمد ڪيل گيس آر ايل اين جي فراهم ڪئي ويندي، جيڪا ايل پي جي جي ڀيٽ ۾ 31.25 سيڪڙو سستي هوندي، هن فيصلي جو مطلب اهو آهي ته نون گيس استعمال ڪندڙن کي هاڻوڪن گهريلو صارفين جي برابر نه سمجهيو ويندو، جن لاءِ في الحال 12 مختلف سليب ڪيٽيگريون لاڳو آهن، هڪ سينيئر سرڪاري آفيسر ٻڌايو ته پاڪستان هن وقت آر ايل اين جي (درآمد ٿيل گيس) جي واڌاري واري مقدار کي سنڀالڻ جي مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي، ۽ اختيارين جي خواهش آهي ته اها گيس ملڪ ڀر ۾ نون ڪنيڪشن وٺندڙن کي فراهم ڪئي وڃي. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي، حڪومت 2021ع کان لاڳو گيس ڪنيڪشن تي پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.وزيراعظم اصولي طور تي هن فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ان فيصلي جي سمري منظوري لاءِ ڪابينا ڪاميٽي براءِ توانائي سي سي او اي ڏانهن اماڻي وئي آهي.