ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن، لاقانونيت ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف عوامي تحريڪ جي حيدرآباد ۾ بک هڙتال

حيدرآباد(رپورٽر) ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن، ڊيمن، لاقانونيت ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد طرفان حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن ۽ زمينن تي قبضن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، بک هڙتال ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به وڏي انگ ۾ شريڪ. بک هڙتال جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حسنا راهوجو، ڄام تماچي، ضلعي صدر سرمد راڄپر ۽ سيڪريٽري اشوڪ ڪمار، ضلعي حيدرآباد جي اسلم پرويز عمراڻي، حاجي خان سمون، عبدالحئي ڀٽو, سنڌياڻي تحريڪ جي، صائمه ارباب، فائزہ سومرو سنڌي شاگرد تحريڪ جي علي رضا جلباڻي، عرفان لاشاري احمد علي ٽالپر۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي اڳواڻ ڪامريڊ اقبال پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته انٽرنيشنل ميڊيا ۾ خبرون هلندڙ آهن ته سنڌ ۾ موجود تيل ۽ گئس جا ذخيرا آمريڪا حوالي ڪرڻ جي ڊيل ٿي چڪي آهي، اسين بلاول شهباز اتحادي سرڪار کان پڇون ٿا ته سنڌ جي وسيلن جا فيصلا اسلام آباد ۽ آمريڪا ۾ ڇو پيا ٿين، آمريڪا سان ڳجهي ڊيل ڪنهن ڪئي ۽ ڪهڙي قانون تحت ڪئي. سنڌ جي وسيلن تي سنڌي قوم جو حق آهي، سنڌ ۾ موجود تيل ۽ گئس جا ذخيرا ڳجهه ڳوهه ۾ آمريڪا جي حوالي ڪيا پيا وڃن. وسيلن متعلق آمريڪا سان ڳجهي ڊيل ڪري آئين ٽوڙيو ويو آهي، آئين ٽوڙيندڙ آمرن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته هڪڙي پاسي سنڌ جي زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن، سنڌو درياهه سڪايو پيو وڃي ته ٻي پاسي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو آهي، ڀتي لاءِ پرچيون موڪلي پتو نه ڏيندڙ ماڻهن کي قتل ڪندڙ ڌاڙيلن کي حڪومتي سرپرستي حاصل آهي. سکر ۾ ڀٽي لاءِ ڊاڪٽر ڪرپال داس ٿيل حملي جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڌاڙيلن، ڀتاخورن ۽ انهن جي سرپرست سردارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. هنن چيو ته سنڌو درياهه تي ٺهندڙ سمورن نون ڊيمن ۽ ڪئنالن جي منصوبن کي ختم ڪري سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي الاٽ ڪيل زمينون واپس وٺي مقامي بي زمين هارين کي زمينون ڏنيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.