سکر پوليس ڊاڪٽر ڪرپال داس تي حملو ڪندڙن تائين نه پهچي سگهي،هندو برادري ۾ خوف

سکر(رپورٽ: سيد نعيم شاھ+آزاد مهر)سکر پوليس ڊاڪٽر ڪرپال داس مٿان حملو ڪري سندس اسسٽنٽ کي قتل ڪندڙ حملي آورن گرفتار نه ڪري سگھي سکر پوليس جي نااهلي سبب ضلعو بدامني جي ور چڙهي ويو، جڏھن ته ايس ايس پي سکر ڪچي ۾ آپريشن پڻ ڪيو جنھن ۾ ڏوھارين جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائي تباھ ڪرائڻ جي دعوا پڻ ڪئي پر افسوس جو انھن مٿان حملو ڪندڙ ھڪ به جوابدار گرفتار ناھي ٿي سگھيو جنھن ڪري شھري سخت پريشان ٿي ويا آھن ۽ شھرين جو چوڻ آھي ته ڪجهه ڏينهن دوران سکر ۾ ڏوھ سرعام ٿي رھيا آھن ۽ انھن وارداتن ۾ سکر جا ڪيترائي شھري متاثر ٿيا آھن ۽ گھرن کان نڪرڻ کان به ڊڄن ٿا پر افسوس جو بدامني عروج تي ھجڻ باوجود به سکر ڊويزن جو ڊي آءِ جي فيصل عبدالله چاچڙ، ايس ايس پي سکر اظهر خان سميت سموري پوليس اختياريون خاموش تماشائي بڻيل آهن ۽ سکر ۾ روزانو چورين، ڦرن،شھرين تي حملن سميت ٻيون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن ۽ سکر جي شهرين لاءِ هتي زندگي گذارڻ عذاب ٿي وئي آهي ۽ سکر ضلعي جي مختلف علائقن جھڙوڪ، بندر روڊ،روهڙي، سائيٽ ايريا،آباد ٿاڻي جي حد، ڪنڌرا، پنوعاقل سميت ٻين علائقن ۽ تعلقن ۾ روزانو موٽرسائيڪل ڦر، موبائل فون چوري، گهرن ۾ گهڙي ڌاڙا، ۽ رستي تي هٿيارن جي زور تي ڦرن جا واقعا معمولي ڳالھ تي قتل معمول بڻجي ويا آهن، پر پوليس واقعا رپورٽ ڪرڻ يا ڏوهارين کي پڪڙڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي سکر جي سول سوسائٽي ،ڊاڪٽرن،شھرين واپارين سميت ٻين گھر ڪئي آھي ته ڊاڪٽر ڪرپال داس مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي،هوڏانهن  سکر جي نيشنل پريس ڪلب ۾ هندو نوجوان سنگت سکر جي صدر رنجيت ڪمار ماڪيجا هڪ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي مشهور ڊاڪٽر ڪرپال داس تي ٿيل قاتلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي،هن چيو ته هي واقعو رڳو هڪ فرد تي حملو ناهي، پر سڄي سماج جي امن، رواداري ۽ اقليتن جي تحفظ تي وڏو سوال اٿاري ٿو، رنجيت ڪمار چيو ته سکر ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، ڏوهاري بنا خوف جي گهمي رهيا آهن، ۽ انتظاميا مڪمل ناڪام بڻيل آهي، هن چيو ته سکر اڄ ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور جهڙو منظر پيش ڪري رهيو آهي، جتي شهري شديد عدم تحفظ جو شڪار آهن، پريس ڪانفرنس دوران، رنجيت ماڪيجا هندو برادري جي ڪجهه اندروني معاملن تي به ڳالهايو ۽ سنڌ هندو پنچائت جي اڳواڻ مکي ايشور لعل تي سنگين الزام مڙهيا، هن چيو ته پريا ڪماري ۽ جبري مذهب تبديلي خلاف احتجاج جو سڏ ڏيڻ بعد مکي پاڻ اڌ ۾ ڀڄي ويندو آهي، ۽ بازيابي لاءِ احتجاج ڪندڙن کي ڌمڪيون ڏئي احتجاج ختم ڪرائيندو آهي، چوندو آهي ته "پريا ته مري چڪي آهي، احتجاج ڪنهن لاءِ ٿا ڪريو؟” رنجيت ماڪيجا وڌيڪ چيو ته مکي ايشور لعل برادري جي ماڻهن سان ڪاروبار ۾ ڀائيواري ڪري، پوءِ فراڊ ڪري پئسا کائي ويندو آهي،

  1. سرحد ۾ بدامني خلاف واپارين جي هڙتال، شهرين جي ريلي، ڌرڻو

سرحد (عبدالحميد ابڙو) سرحد شهر ۾ واپاري علي محمد ملڪ جي دڪان تي ٿيل ڦر خلاف واپارين ۽ شهرين پاران مڪملشٽربند هڙتال ڪئي وئي. ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته متاثر واپاري سان ايڪي لاءِ شهرين ريلي ڪڍي ۽ سرحد ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو. مظاهرو ڪندڙن امن کپي ۽ ڦورن خلاف ڪارروائي ڪريو جا نعرا هنيا. فقير ڪامل لکڻ، رانجهن مهر، احمد علي ملڪ، نور حسن ملڪ ۽ ٻين احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته شهر ۾ ڏوهاري هٿيار کڻي سري عام ڦر ڪن ٿا ۽ پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي. پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ٽن ڏينهن اندر ڦر ٿيل سامان جي واپسي ۽ جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. هوڏانهن پيپلز پارٽي اڳواڻ مير حمزا خان سندراڻي متاثر واپاري سان ملاقات ڪري مڪمل مدد جو يقين ڏياريو.

  1. سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي:ناصر محمود سومرو

شڪارپور (رپورٽ زاھد سنجراڻي )شڪارپور  جمعيت علماء اسلام ضلع  جنرل ڪائونسل جو اجلاس عيدگاھ جنو شرہف ۾ ضلعي امير عبد الله مھر جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو،و اجلاس ۾ صوبائي امير عبدلقيوم ھاليجوي، صوبائي نائب امير سيد سراج احمد شاھ امروٽي، علامه ناصر محمود سومرو، مولانا ثنا الله  ڀٽو، مولانا محمد طيب ميکو، امير علي خان جتوئي، حافظ رفيق احمد شر، سيد رشدالله شاھ امروٽي  سميت خانپور لکھي ڳڙھي ياسين ۽ ٻين ھنڌن کان آيل علماء ڪرام سميت سوين جميعت جي ڪارڪنن  شرڪت ڪئي علامه ناصر محمود سومرو اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ضلعي شڪارپور ۾ جميت علماء اسلام پهريان کان وڌيڪ مضبوط ٿي آھي اسان جي جماعت گذريل اليڪشن کٽي ھئي جنھن جو رزلٽ  ملڪ جو سسٽم ھلائيندڙن تبديل ڪيو ھن چيو ته سنڌ ۾ بد امني خلاف جيتروآوازاسان بلند ڪيو آھي ڪنھن ٻئي جماعت نه ڪيو ھوندو سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتھائي خراب بڻيل آھي جيڪب آباد ڪشمور شڪارپور بد امني جي باھ ۾ ٻري رھيا آھن جلد بد امني خلاف گڏيل لاعمل جوڙيو ويندو .

  1. ٻن هفتن ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون ڦر ۽ ڌاڙا لڳي چڪا آهن

سکر:سکر ضلعي ۾ صرف ٻن هفتن اندر سکر ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون، ڪروڙين روپيا شهرين کان هٿيارن جي زور تي ڦر ڪيا ويا آهن ۽ ننڍڙي معصوم نينگر سميت ڪيترائي ٻيا شهري ڦر وارداتن ۾ زخمي توڙي ڪيترائي شهري قتل ڪيا ويا آهن سکر جي شهرين، ساڃاھ وندن،سول سوسائٽي،سماجي ڌرين، واپارين ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سکر پوليس عام شهرين جي ايف آءِ آر به پئسن کان سواءِ ڪونه پئي ڪٽي ۽ ايف آءِ آر تي جا مختلف ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن پر افسوس آھي ته سنڌ جي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار،سکر جو ڊي آءِ جي فيصل عبدالله چاچڙ ،سکر جي سياسي هائوسن، توڙي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ به چپ جو روزو رکي ڇڏيو آهي هنن چيو ته سکر ۾ روزانو وڌندڙ وارداتون ايس ايس پي سکر اظھر خان توڙي سکر پوليس جي بدترين نااهلي ۽ ناڪامي آهي هنن چيو ته سکر ۾ وڌندڙ بدامني تي فوري نوٽيس وٺي نااهل ايس ايس پي سکر اظهر خان کي هٽائي ڪنهن فرض شناس آفيسر کي ايس ايس پي سکر مقرر ڪري سکر پوليس جي گشت کي وڌايو وڃي توڙي سکر ضلعي جي ٿاڻن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي وڃي متاثر شهرين کي انصاف فراهم ڪيو وڃي شهرين پاران ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن پوليس اهلڪارن ۽ عملدارن جي ڪارڪردگيءَ جو سڄاڻ احتساب ڪيو وڃي پر جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته سکر جهڙو اهم واپاري ۽ تاريخي شهر ڏوهارين جي رحم و ڪرم تي ڇڏجي ويندو، ۽ عوام جو پوليس تي اعتماد مڪمل طور ختم ٿي ويندو، جنهن جا خطرناڪ اثر سڄي ضلعي جي امن ۽ استحڪام تي پئجي سگهن ٿا.

  1. سکر ۾ بدامني تي شهري خوف ۾ ورتل

سکر:سکر ۾ بدامني سبب شهري انتهائي پريشان حال ٿي ويا ۽ گهرن کان ٻاهر نڪرڻ تي خوف ۾ آهن ان سلسلي ۾ شهرينجو چوڻ آهي ته سکر جي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ نه ڪو صحيح نموني پوليس گشت ٿي رهيو آهي نه پوليس وقت سر واقعي واري هنڌ پهچي ٿي۔ ڪيترائي متاثر شهري ٿاڻن تي رپورٽ درج ڪرائڻ وڃن ٿا ته کين مايوس ڪري  واپس موڪليو وڃي ٿو، يا انهن کان رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي،پوليس جي هن روش سبب ڏوهارين جا حوصلا بلند ٿين پيا .

جڏهن ته عوامي، واپاري، ۽ سماجي حلقن ايس ايس پي سکر تي انتظامي نااهلي، شهر جي امن امان کي سنڀالڻ ۾ ناڪامي، ۽ عملدارن جي ناقص ڪارڪردگيءَ تي خاموشي اختيار ڪرڻ جا سنگين الزام هنيا آهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي سکر عوامي تحفظ جي ذميواري نڀائڻ بدران صرف رسمي اجلاس، پروٽوڪول، ۽ فوٽو سيشن تائين محدود ٿي ويو آهي

  1. سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال،چونڊيل نمائندا لاتعلق بڻيل

سکر:سنڌ ۾ صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار پاران گهرو  وزارت وٺڻ بعد سموري سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي جنهن مان ڪجهه ضلعن شڪارپور، ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڏوهاري کلي عام وارداتون توڙي قتل ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا. پر پوليس توڙي سياسي هائوس خاموش تماشائي بڻيل آهن ۽ شهري روزانو ڦرجي رهيا آهن ۽ ڏوهارين هٿان شهري قتل ٿي رهيا آهن پر خبر ناهي ڇو سنڌ جا سياسي هائوسز جا چونڊيل نمائندا نوٽيس ڪونه پيا وٺن. ھوڏانهن ياد رهي ته گذريل ڏينھن هندو پنچائت جي مکي ايشور لعل چيئرمين کان مطالبو ڪيو هيو ته گهرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي سکر کي هٽايو وڃي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.