مون سون جي ڇهين طاقتور وسڪاري بابت الرٽ جاري، شهري علائقن ۾ ٻوڏ جو خدشو

لاهور(بيورو+م ڊ)پي ڊي ايم اي پنجاب پاران مون سون وسڪاري جي ڇهين اسپيل بابت خبردار ڪيو ويو آهي. ترجمان ٻڌايو ته 4 کان 7 آگسٽ تائين پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ برساتن جي امڪان سان گڏ، اولهه کان ايندڙ هوائون به موسم جي نظام جو حصو بڻجنديون، ان دوران مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، جهلم، منڊي بهاوالدين، گجرات، گوجرانوالا ۽ حافظ آباد سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، لاهور، شيخوپورا، سيالڪوٽ، نارووال، ساهيوال، جھنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگھ، خوشاب، سرگوڌا، ميانوالي، ننڪانه صاحب، چنيوٽ، فيصل آباد ۽ اوڪاڙيءَ ۾ به برساتون وسڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، ترجمان وڌيڪ چيو ته 6 آگسٽ تي ڊيرا غازي خان، ڀڪر، بهاولپور، خانيوال، وهاڙي، لودهران ۽ راجن پور ۾ برساتون وسڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 5 کان 7 آگسٽ تائين مري، گليات، راولپنڊي ۽ اتر اوڀر پنجاب ۾ اوچتي ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، ڊي جي پي ڊي ايم اي، عرفان علي ڪاٺيا، سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي خبردار رهڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي. اداري موجب، شهري ٻوڏ جو خاص خطرو لاهور، راولپنڊي، گوجرانوالا ۽ سيالڪوٽ ۾ آهي، جڏهن ته وڏن دريائن سان لڳندڙ واهن ۽ نالن ۾ اوچتي ٻوڏ جي امڪان کي به رد نٿو ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.