کنڊ جي سرڪاري اگهه تي عمل نه ٿيو، ٻاهران ٻه لک ٽن کنڊ گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد/لاهور (بيورو رپورٽ/م ڊ) حڪومت شگر مافيا تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، ملڪ ۾ ڪٿي به کنڊ هول سيل اگهه  تي 165 رپين ۽ ريزڪي اگهه تي 173 رپيا نه ملڻ لڳي. حڪومت ٻه لک ٽن کنڊ ٻاهران گهرائڻ جو آرڊر ڏئي ڇڏيو. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وزارت جو چوڻ آهي ته کنڊ جي اگهن ۾ استحڪام ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب کنڊ جي درآمد ٽينڊر کلڻ کانپوءِ حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، کنڊ حڪومت طرفان درآمد ڪئي پئي وڃي، درآمد ٿيل کنڊ جي پهرين شپمينٽ سيپٽمبر جي منڍ ۾ پاڪستان پهچندي. ملڪ جي مختلف حصن ۾ کنڊ جي کوٽ ۽ قيمتن ۾ واڌ سبب حڪومت 2 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هوڏانهن ڪراچي ۾ کنڊ 190 رپيا، لاهور ۾ 180 کان 190 رپيا، ۽ اسلام آباد جي بازارن ۾ 195 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.حڪومت کنڊ جو اگهه 173 رپيا في ڪلو مقرر ڪري وساري ويٺي آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ حڪومتي مقرر اگهه تي عام ماڻهن کي کنڊ ملي ئي نه رهي آهي. ڪيترن ئي شهرن ۾ کنڊ جي کوٽ سبب شهرين کي 180 کان 195 رپيا في ڪلو جي اگهه تي خريد ڪرڻي پئي پوي.لاهور جي بازارن مان کنڊ غائب ٿيڻ لڳي آهي، دڪانن تي 173 رپيا جو اگهه ضرور لڳل آهي، پر کنڊ دستياب ناهي. ان حوالي سان لاهور جي دڪاندارن جو چوڻ آهي ته اڪبري منڊي مان کنڊ جي فراهمي ڪيترن ڏينهن کان بند آهي، ته پوءِ اسان ڪٿان آڻيون؟ کنڊ جي سڀ کان وڏي هول سيل مارڪيٽ اڪبري مارڪيٽ جي واپارين جو چوڻ آهي ته شوگر ملون کنڊ وڪرو نه ٿيون ڪن ، جڏهن ته شوگر ڊيلرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ کنڊ جي قيمت ۽ کوٽ وڌيڪ وڌي سگهي ٿي.

  • ملڪ ۾ مهانگائي 7 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح جولاءِ 2025 ۾ 4.07 سيڪڙو تائين پهچي وئي، جيڪا گذريل 7 مهينن دوران سڀ کان وڌيڪ آهي. ڊسمبر 2024 کانپوءِ هي بلند ترين سطح مڃي پئي وڃي، سرڪاري انگن اکرن موجب، جون 2025 ۾ مهانگائي جي شرح 3.2 سيڪڙو هئي، جيڪا جولاءِ ۾ واڌ کانپوءِ 4.07 سيڪڙو ٿي وئي،اسٽيٽ بئنڪ پاران مهانگائي بابت خبردار ڪندي چيو ويو آهي ته رهائش ۽ يوٽيلٽيز جي قيمتن ۾ واڌ گراني وڌائڻ جو اهم سبب بڻجي رهيو آهي، جڏهن ته خوراڪ جي قيمتن ۾ واڌ نسبتاً سست آهي، شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 4.4 سيڪڙو، جڏهن ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ 3.5 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي،جيتوڻيڪ گذريل سال جولاءِ ۾ مهانگائي جي شرح 11.09 سيڪڙو هئي، جيڪا هاڻ گھٽجي وئي آهي، پر ان جي باوجود مستقبل ۾ مهانگائي بابت خدشا برقرار آهن.

  •  ملڪ ۾ مهانگائي ناڪام معاشي پاليسين جو نتيجو آهي:ڪاشف سعيد شيخ

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي گهٽائڻ جي حڪومتي دعوائن  جي ابتڙ عام واهپي وارين شين جي اگھن ۾ رڪارڊ اضافو نااهلي ۽ ناڪام معاشي پاليسين جو نتيجو آهي. عام ماڻهو چيلھ چٻي ڪندڙ مهانگائي، بدامني ۽ بجلي ۽ گئس جي ڳري بلن کان پريشان آهي، جڏهن ته ٻئي طرف وري حڪومتي وزير ڪوڙا بيان جاري ڪري رهيا آهن ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ۽ بهتر ٿي رهيو آهي، جيڪو عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي. حڪومت کي مهانگائي، بدامني ۽ بيروزگاري کي ختم ڪرڻ ۽ عام ماڻهو جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪرپشن کان پاڪ سنجيده قدم کڻڻ گهرجن.جماعت اسلامي نوجوانن ۽ عوامي ڪميٽين ذريعي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.