ڊاڪٽر آڪاش انصاري قتل ڪيس جي ٻڌڻي، گواهه جو بيان رڪارڊ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي ناليواري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل ڪيس بابت ٻڌڻي 18 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، حيدرآباد جي عدالت قتل ڪيس جي وڌيڪ ھڪ گواھه ڊرائيور عاشق سيال جو بيان رڪارڊ ڪري ورتو، ماڊل ٽرائل ڪورٽ فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج تصور علي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ڪيس جو فريادي جان محمد انصاري، علم الدين انصاري، ناليوارو ليکڪ جامي چانڊيو، پروفيسر عبدالله ملاح ۽ ٻيا موجود هئا، قتل ڪيس جي جوابدار لطيف آڪاش کي سينٽرل جيل حيدرآباد مان عدالت آندو ويو، عدالت مقتول ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ڊرائيور عاشق سيال جو بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر آڪاش انصاري قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٽن ڏينهن واري شيڊيول تحت 18، 19 ۽ 21 آگسٽ تي ٿيندي، گذريل ٻڌڻي دوران ڪيس جي فريادي جان محمد انصاري ۽ شاھد علم الدين انصاري جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.