اسلام آباد (امداد سومرو) اي پي سي جي پريس ڪانفرنس دوران مصطفيٰ نواز کوکر ڊگهي پڌرائي پڙهي رهيو هو ۽ ڳالهائي رهيو هو ته کيس مڪمل ايئر ٽائم ملي رهيو هو. ان کان اڳ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جون خبرون نه هلنديون هيون. ٻئي پاسي ملڪ رياض جي اسڪينڊل بابت به خبرون روزاني جي بنياد تي اچي رهيون آهن، ڪو وقت هو جڏهن اهي لڪايون وينديون هيون، اسڪينڊل ۾ سياسي شخصيتن جي نالن جو ذڪر ٿيو. پوءِ کنڊ اسڪينڊل آيو جنهن تي وڏي پئماني تي ڳالهيون ٿيون، ان اسڪينڊل ۾ سڀني سياستدانن جا نالا اچي رهيا هئا ۽ حڪومت ان کان بچڻ لاءِ 19 لک ٽن کنڊ قبضي ۾ وٺڻ جي خبر هلرائي ڇڏي. 5 لک ٽن ملڪ جي ضرورت آهي پوءِ به کنڊ مهانگي ٿي رهي آهي. صدر زرداري کي هٽائڻ جون به ڳالهيون هليون. حڪومت جي تبديلي واري سوال جا سبب ارڙهين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ، مائنز ۽ منرلز بل، 26هين ترميم به ان جو سبب آهي. نواز شريف جي ويجهن ذريعن ٻڌايو هو ته نواز شريف هاڻي وڌيڪ بار نٿو کڻڻ چاهي ۽ ائين ئي رهيو ته هلندڙ سيٽ اپ مان نڪري ويندو. شهباز شريف هميشه چوندو آهي ته اسان هڪ صفحي تي آهيون ۽ ڪريڊٽ فيلڊ مارشل کي ڏيندو آهي پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ سياستدانن جو صفحو هڪ ڏيڍ سال کان وڌيڪ ناهي هليو. ۽ هن سيٽ اپ کي 4 سال ٿي ويا آهن. مخصوص سيٽن جي فيصلي کانپوءِ حڪومت وٽ اڪثريت اچي وئي آهي. هاڻي بي اعتمادي وڌندي، ٽرمپ ۽ فيلڊ مارشل جي ملاقات تي به سوال اٿي رهيا آهن. هاڻي هن صفحي ۾ شڪ شبها وڌي ويا آهن. خبر ناهي ملڪ رياض جو اسڪينڊل ڪيترن سياستدانن کي وڪڙ ۾ آڻيندو، ڪا پارٽي ان کان بچيل نه هوندي. پوءِ ڪٿي ائين ته نه ٿيندو ته سڀ هڪ جهڙا آهن، سڀني کي گهر ڀيڙو ڪريو. سڀ ڪجهه اسان ڪريون ٿا ته هنن جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ سهيل وڙائچ موجب فيلڊ مارشل اڃا تائين نيوٽرل آهي کيس جيڪي صلاحون ڏين ٿا انهن تي ڌيان نٿو ڏئي پر ڪيستائين ڌيان نه ڏيندو؟ صدر زرداري کي هٽائي پاڻ صدر بڻجڻ بابت به هڪ صلاح کيس ڏني وئي هئي. اڳتي هلي فيلڊ مارشل اهو سوچي ته هي ملڪ سان زيادتي آهي، هن سسٽم کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جي مون وٽ طاقت آهي، نه موڪليندس ته ملڪ سان زيادتي هوندي. ائين به ٿي سگهي ٿو، ملڪ ۾ ائين ڪيترائي ڀيرا ٿيو آهي. تحريڪ انصاف پاڻ تحريڪ نٿي هلائي سگهي پر جهڙي طريقي سان هاڻي تحريڪ هلائي ويندي اها هلي سگهي ٿي، اي پي سي جي پڌرائي ڪمال آهي، جهڙي پڌرائي آهي اها تحريڪ انصاف وارن جي ذهن جي نٿي لڳي. پڌرائي ۾ ڪئنالن جي معاملي، گم ٿيل ماڻهن جي معاملي، آئين جي ڳالهه ٿي، عمران خان جي آزادي سميت ٻين معاملن کي اٿاريو ويو آهي، اهو پي ٽي آءِ وارا نٿا ڪري سگهن.جن اهو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، اهي تحريڪ کي ليڊ ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر مصطفيٰ نواز کوکر آڏو ٻار لڳي رهيو هو، اسد قيصر خاموش لڳي رهيو هو. محمود خان اچڪزئي، زين شاهه سميت ٻين اڳواڻن تي ڀڃ ڊاهه جو ڪو الزام ناهي، سندن سياست ۾ تشدد شامل ناهي رهيو، اهي اڳواڻ تحريڪ جي اڳواڻي ڪندا ته عوام گڏ ڪري سگهندا. پي ٽي آءِ جي قيادت سزائون اچڻ کانپوءِ جيلن ۾ هلي ويندي ته پوءِ ڪير بچندو؟ اهي ماڻهو تحريڪ ٺاهين ٿا ۽ نڪرندا ته تحريڪ ٺهي ويندي. محمود خان اچڪزئي پٺيان پي ٽي آءِ ڪارڪنن نڪري پوندا، مصطفيٰ نواز کوکر مقبول ٿي رهيو آهي، حڪومت انهن کي گرفتار نٿي ڪري سگهي، مٿن ڪي الزام نه آهن. 5 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جلسي جي درخواست ڏني آهي. 8 آگسٽ تي وڌيڪ سزائن جا فيصلا ايندا ته پي ٽي آءِ سان ماڻهن جي همدردي وڌي به رهي آهي، سزائون تحريڪ کي هٿي ڏين ٿيون. تحريڪ کي اپوزيشن مائنس پي ٽي آءِ ليڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. تحريڪ ٺهي وئي ته صورتحال مختلف هوندي. ٿي سگهي ٿو ته حڪومت گهر وڃڻ جي ڊپ کان ڪو ڪم ڪري ويهي، ان سان پي ٽي آءِ جي تحريڪ کي به فائدو ٿيندو. ڪٿي ڪا گڙ ٻڙ هلي رهي آهي جيڪا ٺيڪ نٿي لڳي ۽ سوال اهو اٿي ٿو ته حڪومت ڪڏهن ويندي؟ يا ڇا حڪومت وڃي رهي آهي؟