ڪسان اتحاد ۽ سنڌ آبادگار اتحاد پاران ڪڻڪ ۽ ڪمند جو اگهه نه ملڻ خلاف تحريڪ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر) ڪسان اتحاد پاڪستان ۽ سنڌآبادگار اتحاد  آبادگارن ۽ هارين سان ناانصافي، ڪمند جا اگهه گهٽ ملڻ، ڍل ٽئڪس وڌائڻ خلاف مرحلي وار احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي  ڪسان آبادگار اتحاد چيئرمين چوڌري خالد حسين باٺ سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر زبير ٽالپر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ هارين آبادگارن سان ناانصافي ٿي رهي آهي،سمورن صوبن ۾ احتجاج کانپوءِ اسلام آباد جو رخ ڪنداسين،هن ڀيري اسان ڪڻڪ جي فصل کان اڳ احتجاج ڪنداسين،هن چيو ته حڪومت ٻن سالن کان ڪڻڪ جو اگهه مقرر نه ڪيو،هلندڙ سال حڪومت کي 15 کان 20 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پوندي،تحريڪ جي سلسلي ۾ 11 آگسٽ تي پنجاب ۾ احتجاج ڪيو ويندو جڏهن ته 20 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ احتجاج ڪيو ويندو، نواب زبير ٽالپر چيو ته هن وقت کنڊ جي قيمت ٻه سئو رپيا آهي سستو ڪمند خريد ڪري مهانگي کنڊ وڪرو ڪئي وڃي ٿي زراعت کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس لڳايا ويا آهن،شگر مل مالڪ پريميئم ڪوالٽي جي مد ۾ هارين جا 40 ارب رپيا دٻائي ويٺا آهن، چوڌري خالد حسين چيو ته هارين آبادگارن 22 سئو ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي بينڪن جا قرضي آهيون اسان هر فورم تي احتجاج ڪيا عدالتن ۾ وياسين،هن چيو ته صوبن جي رضامندي سان ڊيم ٺهڻ گهرجن ،سنڌ آبادگار اتحاد جي جنرل سيڪريٽري محمد انوار چيو ته ملڪ ۾ 42 خاندان آهن جن ڪڻڪ جي گنگا ۾ هٿ ڌوتا آهن، کنڊ مهانگي ڪري عوام جي کيسن تي 300 ارب رپين جو ڌاڙو هنيو ويو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.