آءِ ايس آءِ بابت سوال تي مطيع الله جان جي مائيڪ ڪري پئي، ٽهڪڙا

اسلام آباد (م ڊ) اي پي سي کانپوءِ صحافي مطيع الله جان جڏهن مصطفيٰ نواز کوکر کان سوال ڪري رهيو هو ته دلچسپ صورتحال پيدا ٿي پئي، ان تي ٽهڪڙا به پئجي ويا. مطيع الله جان مصطفيٰ نواز کوکر کي چيو ته اسان جي سوالن جا صحيح جواب ڏيو ۽ ٻڌايو ته اوهان جا سڀ  مطالبا فيلڊ مارشل کان آهن يا وزيراعظم کان؟ مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته ماڻهو چون ٿا ته هائبرڊ نظام آهي، عسڪري جمهوريت آهي، اسان ان سان اتفاق نٿا ڪريون، ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا آهي، مطالبا اسان عوام سامهون رکيا آهن. انهن مطالبن تي گڏيل اتفاق راءِ جي ضرورت آهي، اسٽيبلشمينٽ سان رڳو ان صورت ڳالهه ٿيندي ته هو پنهنجي اورنگهيل حدن کان واپس وڃن. مطيع الله جان سوال ڪيو ته ڇا اهو به اوهان سڀني اتفاق ڪيو آهي ته اڳتي ڪنهن آءِ ايس آءِ جي ماڻهو جي فون ناهي کڻڻي ۽ انهن سان ملاقات ناهي ڪرڻي. ان ئي دوران مطيع الله جي هٿ ۾ کنيل مائيڪ هيٺ ڪري پئي ته مصطفيٰ نواز ٽهڪ ڏيندي چيو ته ان ڳالهه تي اوهان جي مائيڪ به هيٺ ڪري پئي. ماڻهن چيو ته مائيڪ اوهان جو سوال نه سنڀالي سگهي، وري ٽهڪڙا پئجي ويا. مصطفيٰ نواز کوکر جواب ڏنو ته ن ليگ ووٽ کي عزت ڏيو جي ڳالهه ڪري اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪري حڪومت ورتي، هاڻي انهن جو حال ڏسو، ان اتحاد ۾ ڪا پارٽي ايجنسين سان ڳالهائيندي ته انهن جو حال به خراب ٿيندو. عوام اهڙي سياست کي قبول نه ڪندو.مطيع الله جان پڇيو ته سلمان راجا جي پارٽي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون چاهي ٿي. ان تي سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان کي آئين ۽ قانون جي بحالي جي ڳالهه ڪرڻي آهي، ڪو ڳٺ جوڙ ناهي ڪرڻو آهي. هن وقت اسان اهو چئون ٿا ته عوام جي رستي تان هٽي وڃو، عدليه کي آزادي ڏيو، آئين ۽ قانون جي حڪمراني ڏيو. مطيع الله جان پڇيو ته اوهان جو مطالبو فيلڊ مارشل کان آهي؟ ان تي سلمان راجا چيو ته 78 سالن کان حڪومت جي سربراهي ڪندڙن کان مطالبو آهي. اسان کي اهڙو نظام ختم ڪرڻو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.