ڪراچي ۾ جنازي نماز تي آيل وڪيل گوليون هڻي قتل، 2 ڄڻا زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ڊفينس فيز 6 ۾ مسجد ٻاهران فائرنگ ۾ سينيئر وڪيل خواجا شمس الاسلام مارجي ويو، سندس پٽ سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جوابدار مقتول جي اڳوڻي گن مين جو پٽ نڪتو. ڊي آءِ جي سائوٿ موجب فائرنگ ڪندڙ جوابدار جو نالو عمران آفريدي آهي جيڪو مقتول جي اڳوڻي گن مين جو پٽ آهي، جوابدار ڪجهه مهينا اڳ به وڪيل تي حملو ڪيو هو، جوابدار جو الزام هو ته سندس پيءُ کي خواجا شمس الاسلام قتل ڪرايو هو. پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون. جوابدار جي سڃاڻپ سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان ٿي هئي. مقتول وڪيل مسجد ۾ جنازي نماز لاءِ آيل هو، کيس مسجد جي احاطي ۾ نشانو بڻايو ويو. ڊفينس ۾ سينيئر وڪيل خواجا شمس الاسلام جي قتل خلاف ڪراچي بار ايسوسيئيشن اڄ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ چيو ته پوليس جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب سينيئر وڪيل جو قتل ٿيو، هڙتال ڪري حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو، سينيئر وڪيل جي قتل جي جاچ ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.