ميرپورماٿيلو (خالد وسير): صنعتي ادارن پاران ضلعي انتظاميه کي فراهم ڪيل سي ايس آر، پراڊڪشن بونس فنڊ ۽ شگر سيس فنڊ ۾ مبينا طور ڪروڙن جون گهوٻيون، ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو ته ماڙي پيٽروليم ڪمپني سميت مختلف صنعتي ادارن پاران ضلعي انتظاميه کي سي ايس آر، پراڊڪشن بونس فنڊ ۽ شگر سيس جي مد ۾ فراهم ڪيل ڪروڙين روپين ۾ گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ اهم ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو آهي ته تازو چارج ڇڏي وفاق ۾ رپورٽ ڪندڙ ڊي سي جي خاص ملازمن ڊولپمنٽ برانچ جي انچارج ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار معرفت صنعتي ادارن پاران مليل فنڊ ۾ ڪروڙن جي هيراڦيري ڪئي آهي، شوگر ملز انتطاميه پاران متاثر ٿيل روڊن جي مرمت لاءِ شگر سيس جي مد ۾ فراهم ڪيل 9 ڪروڙ روپيا ڪاغذي ڪارروائي ذريعي خردبرد ڪيا ويا آهن، ذريعن بڌايو آهي ته اسسٽنٽ مختياڪار جيڪو غيرقانوني طور ڊي سي آفيس جي ڊولپمينٽ برانچ ۾ ڪم ڪري پيو، ڪيترائي ٺيڪا منظور ڪرائي چڪو آهي، مليل ڄاڻ موجب پراڻي ڊي سي آفيس جي مرمت واسطي 80 لک منظور ڪري ڪوڙن بلن ذريعي خرد برد جا پڻ اطلاع آهن، جڏهن ته عمارت جي هڪ سيڪڙو به مرمت ناهي ڪئي وئي.
-
خبر ناهي شوگر سيس جو فنڊ ڪيڏانهن پيو وڃي: ڄام مهتاب
ميرپور ماٿيلو: ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر عوامي آواز کي ٻڌايو ته سندس تڪ ۾ 3 شوگر ملون آهن پر خبر ناهي شوگر سيس جو فنڊ ڪيڏانهن پيو وڃي 9 سالن دوران ٽڪي جو ڪم ناهي ٿيو، دانهون ڪريڪري ٿڪجي پيو آهي، لاڳاپيل عملدارن شوگر سيس جي فنڊ کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي، وڏو وزير اعلي سطحي جاچ ڪرائي.صنعتي ادارن مان مليل فنڊ هڙپ ڪيا پيا وڃن، هر ڊي سي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏي پيو، مقامي ماڻهو دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن، لاڳاپيل ادارا جاچ ڪن. سماجي حلقا، ضلعي گهوٽڪي جي ساڃاهه وندن ايس ٽي پي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ڄام فتاح سميجو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته گهوٽڪي صنعتن سان مالا مال هجڻ باوجود هر علائقو بدحالي جو شڪار آهي، جر کارو ٿي ويو، ماڻهو بيمار پيا ٿين پر صنعتي ادارن کان هر ڊي سي ذاتي مفاد وٺي عوامي مفادن جو سودو ڪري پيو، انتظاميه کي مليل فنڊن بابت لاڳاپيل ادارا جاچ ڪن، ايس يو پي اڳواڻ هاتن خان شر ڳالهائيندي چيو ته صنعتي ادارا ۽ ڪامورا گڏجي عوام جو استحصال ڪن پيا، مليل فنڊ هڙپ ڪيا پيا وڃن، سموريون اسڪيمون ڪاغذن تائين محدود هجن ٿيون سرزمين تي ڪجهه نظر نه پيو اچي.
-
اسسٽنٽ مختيار ڪار فرضي نالن سان ٺيڪا کڻڻ لڳو
ميرپورماٿيلو: اسسٽنٽ مختيارڪار فرضي نالن سان ڪمپنيون ٺاهي ٺيڪا کڻڻ لڳو، اسسٽنٽ مختياڪار جي آفيس گهوٽڪي ۾ مقرر ٿيل آهي پر گذريل 5 سالن کان غيرقانوني طور ڊي سي آفيس جي ڊولپمنٽ برانچ ۾ ڪم ڪري پيو ۽ فرضي نالن سان ڪنسٽرڪشن ڪمپنيون ٺاهي ٺيڪا کڻندو رهي ٿو ذريعن جو چوڻ آهي ته روينيو ڪالوني ميرپور ماٿيلو ۾ اٽڪل 5 ڪروڙ جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ 8 فليٽن جو ٺيڪو به اسسٽنٽ مختيارڪار جي ڪمپني وٽ آهي.