ڪراچي(بيورو+م ڊ) ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن "دو دريا” وٽ ٻن ٻارن سميت پيءُ جو سمنڊ ۾ ٽپو ڏيڻ وارو افسوسناڪ واقعوگهريلو تڪرار جو نتيجو نڪتو، ريسڪيو ادارن هڪ ڏينهن بعد ٻئي نينگرن جون لاشون سمنڊ مان ڪڍي ورتيون آهن، جڏهن ته سندن والد جي تلاش جاري آهي، اورنگزيب نالي شخص پنهنجي اڳوڻي زال سان تڪرار سبب پنهنجي ٻن معصوم ٻارن سان گڏ سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو، واقعي بعد ريسڪيو ٽيمن طرفان ڳولا جو ڪم شروع ڪيو ويو هو، اڄ صبح ريسڪيو عملدارن، نينگر احمد جي لاش نشاني حيدر پارڪ جي پويان کليل سمنڊ مان هٿ ڪئي، جڏهن ته ڪجهه وقت پوءِ 4 ورهين جي آيت جي لاش به ملي وئي. سندن والد جي لاش اڃا تائين ناهي ملي، ريسڪيو ادارن موجب، اورنگزيب عالم، جيڪو اورنگي ٽائون جو رهواسي ۽ هڪ اسڪول ٽيچر هو، گهريلو تڪرار سبب سخت پريشاني جو شڪار هو. سندس ۽ اڳوڻي زال جو ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو هو، گذريل ڏينهن، عدالت مان پيش ٿيڻ کانپوءِ اورنگزيب پنهنجي ٻنهي ٻارن سان گڏ سي ويو آيو، جتان هن سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو.