باجوڙ ۾ امن جرڳي جو پهريون مرحلو مڪمل، اڄ ٻيهر جرڳو ٿيندو

باجوڙ(م ڊ) باجوڙ جي تعلقي ماموند ۾ ٿيل گرينڊ جرڳي دوران دهشتگردن کي پناهه نه ڏيڻ واري فيصلي تي سمورن مذهبن ۽ فڪر جي نمائندن متفقه راءِ ظاهر ڪئي آهي، جرڳي جي مشيرن فيصلو ڪيو آهي ته هو پاڻ وڃي طالبان سان ڳالهيون ڪندا ته جيئن هو علائقو ڇڏي وڃن، جنهن بعد حڪومت سان به ڳالهه ٻولهه ڪري آپريشن جي روڪٿام لاءِ مطالبو پيش ڪيو ويندو،گرينڊ جرڳي ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته هاڻي ڪنهن به دهشتگرد کي ڪنهن به صورت ۾ پناهه نه ڏني ويندي ۽ خارجين جي مڪمل خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي،جرڳي ۾ قبائلي اڳواڻن، علما ڪرام، ۽ سول انتظاميا جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، پروگرام جي شروعات باجوڙ جي شهيدن لاءِ فاتحه خواني ۽ خاص دعائن سان ٿي، ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي خارجين پاران مسجدن ۽ عام شهرين جي گهرن کي استعمال ڪرڻ جا وڊيو ثبوت به ڏيکاريا ويا، جيڪي ڏسي سڀني ڏک جو اظهار ڪيو، جرڳي ۾ طئي ڪيو ويو ته جيڪڏهن خارجين رضاڪاراڻي طور تي علائقو خالي نه ڪيو ته پوءِ سندن خلاف مڪمل فوجي ڪارروائي ڪئي ويندي، اجلاس جي آخر ۾ ملڪ جي سلامتي، امن، استحڪام ۽ پاڪ فوج جي ڪاميابي لاءِ خاص دعا پڻ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.