سرگوڌا(م ڊ)دهشتگردي جي روڪٿام واري عدالت 9 مئي جي جوڊيشل ڪامپليڪس ميانواڻي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت، گرفتار جوابدار اسماعيل کي 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ احمد خان بڇر، احمد ڇٽه ۽ بلال اعجاز سميت 51 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ويو، ان ڪيس ۾ اڳ ۾ ئي عدالت عمر ايوب خان جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪري چڪي آهي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن به فيصل آباد جي انسداد دهشتگردي عدالت 9 مئي سان لاڳاپيل مختلف ڪيسن ۾ عمر ايوب، شبلي فراز، صاحبزادہ حامد رضا ۽ زرتاج گل سميت 196 جوابدارن کي سزائون ٻڌايون هيون.