ڪراچي(رپورٽر)نيب ڪورٽ ڪراچي ۾ پورٽ اينڊ شپنگ ملڪيت کي پسنديده ماڻهن ڏانهن منتقل ڪرڻ بابت ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي ، ٻڌڻي دوران اڳوڻو وفاقي وزير ڪامران مائيڪل ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾پيش ٿيا، عدالت ڪامران مائيڪل سميت 29 جوابدارن خلاف ريفرنس رد ڪري ڇڏيو، اڳوڻو وفاقي وزير سميت سڀئي جوابدار ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي بري ٿي ويا،ٻڌڻي دوران وڪيلن چيو ته ڪامران مائيڪل وفاقي وزير هو، ڪامران مائيڪل بورڊ جو حصو نه هو ، وفاقي وزير کي زمين منتقل ڪرڻ جو اختيار ناهي ۽ نه اهڙو ڪجهھ ٿيو آهي، وڪيلن جو چوڻ هو ته سياسي دشمني جي ڪري ريفرنس 2018 ۾ داخل ڪيو ويو هو، ڪامران مائيڪل کي بنا ڪنهن سبب جي 6 مهينا جيل ۾ رکيو ويو، وڪيل استدعا ڪئي ته اڳوڻي وفاقي وزير ڪامران مائيڪل ء ٻين کي بري ڪيو وڃي.