ڪورنگي (رپورٽ: هدايت الله لاکو) پاڪستان جو سڀ کان وڏو انڊسٽريز زون ڪورنگي ڏوهارين، ڦورن ۽ ڏوهارين جي ور چڙهي ويو، ڪاروباري ماڻهن سميت شهري عوام به غير محفوظ آهي، ڪورنگي پوليس مڪمل ناڪام بڻجي ويئي آهي، گدام چورنگي ويجهو ڦورن هڪ خانگي بينڪ ٻاهران ڪيش منتقلي وين مان تقريبن 97 لکن جو ڌاڙو هڻندي ٻن سيڪيورٽي گارڊن کي زخمي ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته ڏوهاري پنهنجي گاڏي ڇڏي هٿيارن جي زور تي هڪ ٻئي شهري کان الٽو ڪار ڦر ڪري رفو چڪر ٿي ويا، زخمي گارڊن جي شناخت محمد خالد ولد فضل بادشاھ عمر 55 سال ۽ ٻئي گارڊ جي شناخت سڌير ولد علي شاھ عمر 60 سال آهي، جن کي جناح اسپتال جي ايمرجنسي داخل ڪيو آهي، پوليس مطابق ڪيش منتقلي جي وقت هي واردات ڪئي ويئي آهي، اسين معلوم ڪيون پيا ته ڇا ڪيش منتقلي انهي وقت تي ٿيندي آهي يا نه؟ پوليس جو چوڻ آهي ته اسان جي خفيه ٽيم جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ڏوهارين کي جلد گرفتارڪيو ويندو، هتان جي شهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ايس ايس پي ڪورنگي طارق نواز جون غيرفعال حڪمت عملين سبب پورو ضلعو ڏوهارين جو ڳڙھ بڻجي ويو آهي، هتان جي پوليس صرف منشيات فروشن، ريڙهي وارن ۽ ڪٻاڙين جي دڪانن تان ڀتو وٺڻ ۾ پوري آهي، جڏهن ته ٻه هفتا اڳ ڦورن سان مزاحمت ڪندي ٻه شهري قتل ٿي ويا آهن، سندن قاتل به اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، هتي شهري هاڻي خوف واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي آهن ۽ ڏوهاري ڏينهن ڏٺي جو پنهنجون واداتون ڪري وڃن ٿا، ڪجهه ڏينهن اڳ ڪورنگي ڪراسنگ تي ڏوهارين صبح سوير ناڪو لڳائي دڪانن ۽ ايندڙ ويندڙ شهرين کان لکين رپين جي ڦر ڪئي، پر افسوس ڪورنگي پوليس لاچار بڻجي ويئي آهي، هتان جي شهرين کي امن امان ۽ تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام بڻجي ويئي آهي.