اوٻاوڙو(ن ع آ) اوٻاوڙو لڳ رانوتي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ شر گينگ جي ڏوھارين خلاف رينجرس ۽ پوليس جو ڏوھارين خلاف ايس ايس پي گھوٽڪي انورکيتران ۽ رينجرس جي برگيڊيئر نديم ۽ ڊي ايس پي عبدالقادر سومرو جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس ۽ رينجرس جي اٽالن جو اي پي سي چين ۽ بڪتر بند گاڏين ۽ جديد ٽيڪنالوجي ذريعي ٽارگيٽ آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران شر گينگ جي ڏوھارين ۽ پوليس وچ ۾ سخت مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پوليس ھڪ مھينو اڳ اغوا ٿيل ٻن مغوين دلبر ولد حاجي شيخ ۽ محمد حنيف ولد محمد امين کي ڏوھارين جي چنبي مان باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو آهي، مغوي کي پوليس ٿاڻي تي کڻي آئي، پڇا ڳاڇا بعد وارثن حوالي ڪيو.