طاقت جو توازن تبديل ڪرڻ جي ڪوشش، نواز شريف وزيراعظم بڻجندو؟

اسلام آباد (امداد سومرو) خبرون آهن ته مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف خاموشي سان سياست ڇڏي چڪو آهي، سندس گهرو ذريعن موجب هو نه وري صدر بڻجڻ چاهي ٿو، نه ئي سياست ۾ واپسي چاهي ٿو. ترجمان عرفان صديقي به واضح ڪيو آهي ته نواز شريف جو نه صدر ٿيڻ جو ارادو آهي، نه ئي هو سياست ۾ واپسي پيو ڪري. تنهن هوندي، مريم نواز جي ڪاميابيءَ واري ٽويٽ کانپوءِ اڳڪٿيون ٻيهر تيز ٿي ويون آهن ته ڇا نواز شريف وزيراعظم بڻجڻ چاهي ٿو؟ پارٽي اندر ڇڪتاڻ به محسوس ٿي رهي آهي، جتي مريم نواز جو وڌندڙ اثر "ون وومين شو” جو تاثر ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته حمزا شهباز ناراض نظر اچي ٿو. ڪجهه تجزيا نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ن ليگ کي سادي اڪثريت ملي يا اتحادي حڪومت مضبوط ٿئي ته نواز شريف اڳتي وڌڻ جو ارادو ڪري سگهي ٿو. ساڳي وقت، شهباز شريف اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل حمايت جو دعويدار آهي، جڏهن ته عمران خان جي پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز جي نااهلي جو سلسلو به جاري آهي، جنهن سبب ن ليگ ننڍن اتحادين کانسواءِ حڪومت ٺاهي سگهي ٿي. ماضي ۾ نواز شريف کي مائنس ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام رهيون، ۽ هاڻ پارٽي قيادت شايد نئون پاور بيلنس ترتيب ڏئي رهي آهي. حڪمران اتحاد کي اڪثريت ملي ويندي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت وچ ۾ معاملا هيٺ مٿي ٿي ويندا. ٽرمپ فيلڊ مارشل ملاقات کانپوءِ اهو تاثر هو ته ڇا سمورو نظام ته نه وڪوڙي وٺندو؟ ائين لڳي ٿو ته پ پ کي اپوزيشن ۾ ويهاريو ويندو، مريم نواز پاران شيئر ڪيل تصوير به نواز شريف جي امڪاني واپسي جو سگنل ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ضمني چونڊن ۽ نااهلين بعد سياسي فضاءَ ن ليگ جي حق ۾ ٿي، ته نواز شريف شهباز شريف کي چوندو ته "هاڻ مان وزيراعظم بڻجندس” – ۽ ڀاءُ شهباز شريف هر ڳالهه قبول ڪندو. طاقتور قوتن جو توازن تبديل ٿي رهيو آهي، هائبرڊ سسٽم ۾ نئون بيلنس اچي سگهي ٿو، ۽ جيڪڏهن سياستدان ڪامياب ٿيا ته نظام به بدلجي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.