اوڳاڙين ۾ ناڪامي، ٽن کاتن گذريل سال سوا ٻه کرب گهٽ وصول ڪيا

ڪراچي (شڪيل نائچ) مالي سال25_ 2024ع ۾ سنڌ جي ٽن کاتن پاران ٽئڪس گڏ ڪرڻ جا تفصيل سامهون آيا آهن. 2024-25ع ۾ ٽئڪس گڏ ڪرڻ جو هدف 6 کرب 14 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو هو،جڏهن ته صرف 3 کرب 89 ارب رپيا گڏ ٿيا، يعني 2 کرب 25 ارب رپيا گهٽ وصول ٿيا بورڊ آف ريونيو جو هدف 60 ارب 70 ڪروڙ رپيا هيو، جڏهن ته صرف 22 ارب 97 ڪروڙ رپيا گڏ ٿيا، يعني 37 ارب 72 ڪروڙ رپيا گهٽ مليا ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جو هدف 2 کرب 3 ارب رپيا هيو، جڏهن ته هڪ کرب 49 ارب رپيا گڏ ٿيا، يعني 54 ارب 53 ڪروڙ رپيا گهٽ مليا سنڌ ريونيو بورڊ جو هدف 3 کرب 50 ارب رپيا هيو، پر رڳو 2 کرب 16 ارب رپيا گڏ ٿيا، يعني هڪ کرب 33 ارب رپيا گهٽ مليا بورڊ آف ريونيو 62.2 سيڪڙو، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن 26.8 سيڪڙو ۽ سنڌ ريونيو بورڊ 38 سيڪڙو گهٽ ٽئڪس گڏ ڪيو گذريل مالي سال 2023-24ع ۾ به 35 سيڪڙو گهٽ ٽئڪس وصول ڪيو ويو هو. مالي کاتي پاران رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.